فيصلا آئيني بحران مان نڪرڻ جو سبب بڻجڻ گهرجن

0
196
موجوده حڪمرانن جو ‘طريقهء واردات’ به ساڳيو ئي آهي

پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي صوبن ۾ اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گورنر جي حڪم تي اسيمبلي ٽٽي آهي ته گورنر چونڊن جي تاريخ ڏئي. عدالت صدر کي اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري پنجاب، جڏهن ته ڪي پي ۾ گورنر کي اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ڪري چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ صدر جو 20 فيبروري جو حڪم پنجاب جي حد تائين درست، جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي لاءِ ڪالعدم قرار ڏنو. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن گورنر ۽ صدر سان ايڊوائيس جو ڪردار ادا ڪرڻ جو پابند آهي، صدر 9 اپريل تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو، ان صورتحال ۾ اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو، 9 اپريل تي چونڊون ممڪن ناهن ته مشاورت کانپوءِ پنجاب ۾ تاريخ تبديل ڪري سگهجي ٿي. عدالت چيو ته اها وفاق جي ذميواري آهي ته چونڊون ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، وفاق جي ڊيوٽي آهي ته ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪن. چيف جسٽس، جسٽس منير اختر، جسٽس محمد علي مظفر  اڪثريتي فيصلو ڏنو، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس منصور علي شاهه اختلافي نوٽ ڏنو. ان فيصلي بعد حڪومت سميت سمورين ڌرين جي آئيني ذميواري آهي ته اهي ان تي مڪمل طور تي عمل ڪن ۽ ڪنهن به گوٿ ناٿ کان ڪم نه وٺن ۽ هي فيصلو عوام ۽ ملڪ جي حق ۾ بهتر ثابت ٿيڻ گهرجي. پر پاڪستان ۾ اهڙو ڪو معاملو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته حڪومت حيلا بهانا تلاش ڪري رهي. قانون واري وفاقي وزير ۽ اٽارني جنرل ان تي سوال اٿاريا آهن ته هي فيصلو ٽن ججن جي حمايت ۽ چئن ججن جي مخالفت سان رد ٿي ويو آهي. سندن موقف آهي ته بينچ ٽٽڻ کان اڳ ئي ٻه جج انهن درخواستن کي رد ڪري چڪا هئا. ٻئي طرف اليڪشن ڪرائڻ جي خواهشمند پارٽي تحريڪ انصاف ان فيصلي جي آجيان ڪندي پنهنجي جيل ڀريو تحريڪ ختم ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي چونڊن جي تياري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هن ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي ان ڪري هاڻ ڪا نئين مهم جوئي شروع نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن چونڊون آئين موجب ٿيڻيون آهن ته اهي ٻنهي صوبن ۾ ٿيڻ گهرجن. پوءِ جيڪو به کٽي اچي ان کي حڪومت ملڻ گهرجي ۽ هو ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻ جي ڪوشش ڪري. پر اسان کي ان جي اميد گهٽ ئي آهي ڇاڪاڻ ته هينئر کان ئي جيڪا صف بندي ڪئي پئي وڃي ۽ سياست ۾ جيڪا نفرت انجيڪٽ ڪئي پئي وڃي ان کي ڏسي ڪو به عقلمند ماڻهو اهو سمجهي سگهي ٿو ته چونڊن بعد به هي سنگين بحران جاري رهندو. ان جو هڪ سبب سياست کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪرڻ آهي. تحريڪ انصاف هجي يا پي ڊي ايم جون پارٽيون اهي سياست کي ايترو ته گدلو ڪري ويون آهن جو هاڻ ان ۾ بهتري جي رڳو اميد ئي ڪري سگهجي ٿي. اسان جي سمورين سياسي ڌرين کي اپيل آهي ته اهي ملڪ جو سياسي ماحول بهتر ڪن ۽ ان کي ٿڌو ڪن جنهن سان ملڪ ڪجهه اڳتي وڌي سگهي ٿو نه ته هي بحران ڪا به حڪومت بهتر ڪري نه ٿي سگهي. تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت جي تجربي کي سامهون رکي به ڪنهن بهتري جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي.