پاڪستان مان هنرمند ماڻهن جي هجرت

0
148
پاڪستان مان هنرمند ماڻهن جي هجرت

 پاڪستان اهو ملڪ آهي، جنهن جا ماڻهو پنهنجي ديس ۾ رهڻ کي ترجيح نه ٿا ڏين. هتي اگر ڪنهن شخص وٽ وسيلا ۽ واسطا آھن ته هو ملڪ کي ڇڏي وڃي پرڏيھه ۾ رهڻ ۾ ئي ڀلائي سمجهي ٿو. انهن ۾ اسان جا وڏا بزنس مين، پڙهيل لکيل تربيت يافته ماڻهو به اچي وڃن ٿا. ڪجھه اندازن موجب سال 2022ع ۾ تقريبن 765000 ماڻھو پاڪستان ڇڏي ٻاھرين دنيا ۾ آباد ٿيا. انهن مان 92000 قابل انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ ٻين پيشن سان وابسته ماڻهو هئا. عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته ماڻهن جو ٻاهر وڃڻ ملڪ جي معيشت لاءِ بهتر آھي. ان لاءِ اهو دليل ڏنو ويندو آهي ته پرڏيھه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ رشتيدارن لاءِ پيسا موڪليندا آھن، جنهن سان ملڪ جي معيشت کي فائدو رسي ٿو. ان پئسي کي اقتصاديات جي اصطلاحن ۾ ترسيلات زر يا Remittances  چيو ويندو آھي. ان ڳالھه ۾ ڪنهن حد تائين صداقت به آهي ته ترسيلاتِ زر ملڪي معيشت لاءِ سودمند آهي، ڇو جو پاڪستان جي مٽاسٽا جي ذخيرن جو هڪ اهم ذريعو ترسيلات زر آھي. بظاهر ته ان ڳالھ ۾ ڪوئي شڪ ڪونهي ته انهن ماڻهن جي ٻاهر رهڻ يا ڪمائڻ سان پاڪستان جي معيشت کي فائدو پهچندو، پر اهو واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته ان فائدي جي قيمت به ادا ڪرڻي پوي ٿي. مثال طور، عام پاڪستاني 92000 داڪٽرن ۽ انجنيئرن جي خدمت کان محروم ٿيا آهن. هي اُهي انجنئير ۽ ڊاڪٽر آهن، جن جي تربيت تي حڪومت پاڪستان اربين رپيا ان نيت سان خرچ ڪيا ته هو پنهنجي پيشي ۾ ماهر ٿي ڪري قوم جي خدمت ڪندا.

اگر خدمت واري پهلو کان اهو سوال ڪجي ته ڇا 92000 پروفيشنلز جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ملڪ لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ سودمند آهي؟ ڇا اهو بهتر نه هجي ها ته اهي ڊاڪٽر توڙي انجنيئر هتي رهي ڪري پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪم ڪن ها؟ ڇا ڪو ان جو ڪاٿو لڳائي سگهي ٿو ته انهن جي ٻاهر وڃڻ سان ملڪ کي ڪيترو نقصان ٿيندو؟ هنرمند مزدور (Skilled Labour Force) ٻاهر موڪلڻ سٺي ڳالھه آھي ڇو جو ان کي به برآمدات ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. پر جيڪڏهن اهو اسڪلڊ ليبر فورس ان ملڪ مان ٻاهر وڃي جنهن کي پاڻ کي ان جي شديد ضرورت آهي ته ان عمل کي برآمدات نه بلڪي برين ڊرين (Brain Drain)  چيو ويندو آھي. اگر ان فڪري جو سنڌي ۾ ترجمو ڪجي ته ان کي چئبو پڙهيل لکيل هنرمند طبقي جي هجرت.

برين ڊرين جو مکيه ڪارڻ سهولتن ۽ موقعن جي اڻهوند آهي. ماڻهو پنهنجو گهر ۽ ملڪ تڏهن ڇڏڻ ته مجبور ٿيندو آھي جڏھن هن کي سهولتون يا موقعا ميسر نه ٿيندا آهن. پاڪستان مان برين ڊرين جو به اهو ئي سبب آهي. هتي روزگار توڙي ڪيريئر جا موقعا صفا نه هئڻ برابر آهن. سواءِ سول سروسز جي هتي اهڙو ڪو به ادارو ڪونهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نوجوانن ۾ جوش هجي. اهو ئي سبب آهي جو هتي نوجوانن جي وڏي اڪثريت ٻاھر وڃڻ جي خواهش مند رهندي آهي. هڪ سروي موجب ته تقريبن 60 سيڪڙو نوجوان پاڪستاني ٻاھر وڃڻ جا خواهشمند آهن. ان کان علاوه ملڪ جي امن امان جي صورتحال ۽ ملڪي معيشت به پاڪستان مان برين ڊرين جا اهم سبب آھن. پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ لا ۽ آرڊر جا مسئلا وڏي عرصي کان هلندا پيا اچن. ازانسواءِ، پاڪستان جي معيشت  به اصل کان وٺي بري حالت ۾ رهي آهي. امن امان جي بدتر حالت ۽ اڻ سڌرندڙ معيشت جي ڪري به ماڻهو هتان هجرت ڪرڻ چاهين ٿا. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستان برين ڊرين کي ڪيئن روڪي سگهي ٿو؟ هي هڪ ڏکيو سوال آھي، جنهن جا ڪيترائي جواب ٿي سگهن ٿا، پر پاڻ صرف ايترو چونداسين ته حڪومت برين ڊرين کي روڪڻ بجاءِ حقيقي مسئلن کي منهن ڏي، جنهن ۾ معيشت جي بري حالت ۽ بدامني سرفهرست آهن. اگر حڪومت ملڪ جي معيشت بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ۽ روزگار جا موقعا، جديد دور جي تقاضائن تي پورو لهندڙ سهولتون مهيا ڪري ٿي ۽ امن امان جي صورتحال کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته يقينن برين ڊرين جهڙو اهم مسئلو پنهنجو پاڻ ئي حل ٿي ويندو. تنهن ڪري هن وقت حڪومت کي اصل مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.