ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ويجهو قبرون به محفوظ نه رھيون، رات جي وقت قبرون کوٽيندڙ گروھ سرگرم ھئڻ جو انڪشاف، پير سومر شھيد قبرستان ۾ قبرون کوٽيندڙ ٽي نامعلوم شرپسند ڳوٺاڻن کي ڏسي ڪوڏر ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي. خبر موجب گذريل رات ٺڪراٺي ڀرسان ٽي نامعلوم شرپسند پير سومر شھيد قبرستان ۾ قبرون کوٽي رھيا ھئا ته مقامي ماڻھن کين ڏسي ورتو، جنهن بعد جوابدار قبرن ڀرسان ڪوڏر ڇڏي فرار ٿي ويا. اھڙو اطلاع مبارڪپور پوليس کي ڏنو ويو. ڳوٺاڻن محمد ھاشم مھتم، رحمت الله مڱريو، شير محمد، علي نواز مڱريو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو پير سومر شھيد سميت مختلف قبرستانن ۾ ڪافي عرصي کان قبرون کوٽجڻ واقعا پيش اچي رھيا آھن، نشاندھي باوجود حد جي پوليس قدم ناھي کنيو. پوليس جي نااهلي سبب جيئرا ماڻھو ته ٺھيو پر قبرون به محفوظ ناھن. ايس ايچ او مبارڪپور اعجاز جسڪاڻي جو ان حوالي سان چوڻ هو ته قبرون کوٽڻ جي ڪڌي عمل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.