پاڪستان بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهرين ٽيسٽ کٽي ورتي

0
347

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي چٽاگانگ ٽيسٽ ۾ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، اڄ ميچ جي آخري ڏينهن تي جڏهن پاڪستان پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي ته ان جي پهرين وڪيٽ 151 رنسن تي ڪري پئي ۽ عبدالله شفيق 73 رنسون ٺاهي مهدي حسن جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو

پاڪستان جي ٻي وڪيٽ 171 رنسن تي ڪري پئي ۽ عابد علي 91 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، اوپنرز جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪپتان بابر اعظم ۽ اظهر علي پرسڪون انداز ۾ کيڏندي ٽيم کي فتح ڏياري

بابر اعظم 13 ۽ اظهر علي 24 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، بنگلاديش طرفان تيج الاسلام ۽ مهدي حسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، پهرين اننگ ۾ بنگلاديش 330 ۽ پاڪستاني ٽيم 286 رنس ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي، شاهين شاهه ۽ حسن علي ميچ ۾ 7-7 وڪيٽس ورتيون

قومي ٽيم پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ 4 ڊسمبر کان شروع ٿيندي

ھي به پڙھندا

اظهر علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪيترا ڀيرا ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو؟