اظهر علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪيترا ڀيرا ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو؟

0
626

ڪراچي(ن ڊ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان اظهر علي تاج الاسلام جي پهرين بال تي گولڊن ڊڪ تي پويلين موٽي ويو، جنهن بعد اظهر علي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بغير رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيڻ وارو ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو، هو هن وقت تائين 17 ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ ٿي چڪو آهي

وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ جو مائيڪ ايٿرٽن جيڪو 210 اننگز ۾ 20 ڀيرا پويلين موٽيو آهي، اهو پهريون شخص آهي جيڪو بنا ڪنهن رنس جي آئوٽ ٿيو

فهرست ۾ ٻئي نمبر تي سريلنڪا جو مارون اٽاپٽو آهي جيڪو 143 اننگز ۾ 17 ڀيرا ٻڙي تي آئوٽ ٿيو جڏهن ته اظهر علي به 17 ڀيرا بغير ڪنهن رنس جي بولڊ ٿيو پر سندس اننگز جو انگ 156 آهي