بخشاپور ۾ ايس يو پي اڳواڻ مبينا طور اغوا

0
189
بخشاپور ۾ ايس يو پي اڳواڻ مبينا طور اغوا
بخشاپور ۾ ايس يو پي اڳواڻ مبينا طور اغوا

بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات دير سان مولا بخش لاڙي وٽ نامعلوم هٿياربند ايس يو پي اڳواڻ مظهر حسين چاچڙ کي مبينا طور اغوا ڪري ويا.

مظهر چاچڙ جي والد جو چوڻ آهي ته پُٽ کي ڪاري رنگ جي ڪار ۾ سوار هٿياربند گهر ويندي رستي مان اغوا ڪري ويا، پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي

جڏهن ته ايس ايڇ او بخشاپور جو چوڻ آهي اسان جي حد مان ڪوبه شخص اغوا نه ٿيو ۽ نه ئي وري ڪو اطلاع مليو آهي