ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ جي بهاني اغوا ڪيل 2 نوجوان ڪچي مان بازياب

0
229

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ بهاني گهرايل ٻن نوجوانن کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو آهي، ڪشمور جي ميلي ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ جي بهاني گهرايل 2 نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آهي

پوليس طرفان عرفان ميراڻي ۽ سعيد ڀٽي کي هڪ آپريشن ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي، پوليس طرفان نوجوانن ۽ ٽڪ ٽاڪرز کي ڪچي طرف نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

ان سلسلي ۾  ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران چيو آهي ته ڏوهاري اغوا ۾ نوان طريقا استعمال ڪري رهيا آهن، ڏوهاري اغوا ۾ نوان طريقا استعمال  ڪري رهيا آهن

ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڳ عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪيو ويندو هو، هاڻ مختلف لالچون ڏئي ماڻهن  کي ڪچي گهرايو وڃي ٿو

بازياب ڪرايل عرفان ميراڻي ۽ سعيد ڀٽي  کي ميلو گهمڻ ۽ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ بهاني گهرائي اغوا ڪيو ويو، ڏوهاري سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن سان رابطو ڪري پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائن ٿا

هي به پڙهندا

ڏهرڪي جي ڪچي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلي دوران 5 ڌاڙيل زخمي ڪرڻ جي دعويٰ