عمران خان پاڻ مٿان داخل 121 ڪيسن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

0
246
عمران خان جو 9 مئي واقعن جي جڊيشل انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو
عمران خان جو 9 مئي واقعن جي جڊيشل انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڻ مٿان داخل 121 ڪيسن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي

 درخواست ۾ وزير اعظم، گهرو سيڪريٽري، قانون واري وزارت، بچاءَ جي وزارت، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب، نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي، پيمرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي

 درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪراچي، ڪوئيٽا، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ عمران خان خلاف 121 ڪيس ٺاهيا ويا آهن

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت پي ٽي آءِ جي حامين کي گرفتار ۽ نظر بند ڪري رهي آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سمورن ڪيسز تي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويون