پوجا هيگڙي پاران سلمان خان سان ڊيٽ بابت افواهن جي ترديد

0
285
پوجا هيگڙي پاران سلمان خان سان ڊيٽ بابت افواهن جي ترديد
پوجا هيگڙي پاران سلمان خان سان ڊيٽ بابت افواهن جي ترديد

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دنگ خان سلمان خان ماضيءَ ۾ پنهنجي گرل فرينڊز سبب هميشه سرخين ۾ رهيو آهي هاڻي هڪ ڀيرو وري هن جو نالو ساٿي اداڪارا پوجا هيگڙي سان جوڙيو پيو وڃي

گذريل ڪافي عرصي کان اهي افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته اداڪارا پوجا هيگڙي ۽ سلمان خان هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيو آهن. هاڻي پوجا هيگڙي سلمان خان سان ڊيٽ بابت افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو م پوجا انهن سمورن افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته بلڪل سنگل آهي، منهنجي پهرين ترجيح منهنجو ڪيريئر آهي

هن چيو ته مان سلمان خان سان ڪنهن رشتي بابت ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو هر ڀيري ويهي جواب نٿي ڏئي سگهان، مان سنگل آهيان ۽ مونکي في الحال سنگل رهڻ ئي پسند آهي

سلمان خان جي نئين فلم “ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان” عيدالفطر تي رليز ڪئي پئي وڃي، ان فلم ۾ پوجا هيگڙي، شهناز گل، پلڪ تيواري به اداڪاري ڪندي نظر ايندا