اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت جو مقصد ساڳيو آهي صرف طريقيڪار ۾ فرق آهي، فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو ته ڪوئي ٻيو يورپي ملڪ حضور صلعم جن جي شان ۾ گستاخي ڪندو، دنيا ۾ 50 مسلمان ملڪ آهن ڪو به ائين نه ڪري رهيو آهي، اتي مظاهرا به
نه ٿي رهيا آهن، فرانس جي سفير کي ڪڍڻ سان فرانس تي ڪو فرق نه پوندو، فرق اسان تي پوندو، اسان جا يورپ سان لاڳاپا ختم ٿي ويندا، ان سان اسان جي ايڪسپورٽ گهٽجي ويندي، رپئي جو قدر ڪري پوندو، مهانگائي ۽ غربت وڌي ويندي، نقصان پاڪستان جو ئي ٿيندو، اسان چاهيون ٿا ته 50 مسلمان ملڪن جا سربراهه گڏجي يورپ کي سمجهايون، سمورا مسلمان ملڪ گڏجي سمجهائينداسين تڏهن اثر ٿيندو، تفصيل موجب قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هفتي کان ملڪ اندر افسوسناڪ حالتون پيدا ٿيون، جنهن ڪري مان قوم سامهون آيو آهيان، هن چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي قائم ٿيو، ان جو نعرو لا الٰه الا الله هو، هن ملڪ جا سمورا ماڻهو پوءِ ڀلي گناهگار هجن، دين تي عمل ڪن يا نه پر حضور صلعم انهن جي دلين ۾ وسي ٿو، دنيا ۾ حضور جن جي شان ۾ جڏهن گستاخي ٿئي ٿي ته کين تڪليف ٿئي ٿي، رڳو اسان کي نه پر سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن کي به تڪليف ٿئي ٿي، هن چيو ته گذريل هفتي تحريڪ لبيڪ کي لڳو ته انهن کي حضور صه جن سان ٻين کان وڌيڪ پيار آهي، تحريڪ لبيڪ جنهن مقصد لاءِ اهو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو اسان ۽ حڪومت جو مقصد به آهي، رڳو طريقيڪار ۾ اسان ٻنهي ۾ فرق آهي، اسان ڪوشش ڪريون پيا ته حضور جن جي شان ۾ گستاخي نه ٿئي، تحريڪ لبيڪ چاهي ٿي ته فرانس جي سفير کي ملڪ کان واپس موڪليون ۽ فرانس سان تعلق ختم ڪيا وڃن، هن چيو ته 1990ع ۾ سلمان رشدي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن حضور جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي، ماڻهو روڊن تي آيا، آمريڪي سفارتخاني تي حملو ٿيو، ماڻهو مئا، هن چيو ته جيڪڏهن اسان فرانس جي سفير کي ڪڍيو ته ان بعد مغرب جي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ حضور جن جي شان ۾ گستاخي ٿيندي، اسان جي ان قدم سان ڇا فرق پوندو؟ تحريڪ لبيڪ اهو ئي ڪجهه ڪري رهي آهي، اهي چون ٿا ته اسان مظاهرا ڪنداسين، سوال آهي ته جيڪڏهن فرانس جي سفير کي واپس موڪليون ۽ ان سان تعلقات ختم ڪري ڇڏيون ته ڇا ان بعد حضور جن جي شان ۾ گستاخي جو عمل رڪجي ويندو؟ ڇا ان جي ڪا گارنٽي آهي؟ مان سڀني کان وڌيڪ مغرب کي ڄاڻان ٿو، جيڪڏهن پاڪستان اهو قدم کنيو ته مغرب ۽ يورپ جو ڪو ٻيو ملڪ اظهار راءِ جي آزادي جي نالي تي گستاخي ڪندو، ڇا پوءِ انهن ملڪن جي سفيرن کي به پاڪستان کان واپس موڪلينداسين؟ 50 مسلمان ملڪ آهن ڪو به ائين نه ڪري رهيو آهي نه ئي اتي مظاهرا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته فرانس جي سفير کي ملڪ کان واپس موڪلڻ جو مقصد يورپي يونين سان تعلقات ختم ڪرڻ آهي، اسان جي اڌ ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽ يورپي ملڪن ۾ وڃي ٿي، ان پابندي سان ملڪ ۾ فيڪٽريون بند ٿي وينديون، رپئي جي قدر گهٽجي ويندي، مهانگائي ۽ غربت وڌي ويندي ان سان نقصان اسان جو ٿيندو فرانس کي ڪو نقصان نه ٿيندو، وزيراعظم ٻڌايو ته ٻن ٽن مهينن کان تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، کين سمجهائي رهيا هئاسين، انهن جو مطالبو هو ته اهو مامرو اسيمبلي ۾ رکيو وڃي، اسان اهو مامرو اسيمبلي ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو پر ڏٺو ته هڪ طرف ڳالهيون هلي رهيو آهن ٻئي طرف تحريڪ لبيڪ وارا احتجاج جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ اسلام آباد طرف اچڻ جو اعلان به ڪيو ويو، ان بعد ڳالهه ٻولهه اسان جي ختم ٿي، گرفتاريون ٿيون، ان سان اسان جي ملڪ ۾ ڇا ٿيو هن وقت تائين 40 پوليس جون گاڏيون ساڙيون ويون، ماڻهن جي ڪروڙين رپين جي نجي ملڪيتن کي نقصان ٿيو، 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، 800 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، احتجاج جي پهرين ڏينهن 100 رستا ۽ روڊ بند ڪيا ويا، جن جو عوام کي نقصان ٿيو، آڪسيجن سلينڊر به روڪيا ويا، ان ڪري به ماڻهو فوت ٿيا، هن چيو ته 4 لک ٽوئيٽس کي اسان اينالائسز ڪيو، 70 سيڪڙو ٽوئيٽس جعلي هئا، 380 ڀارتي واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا گروپ هلي رهيا هئا، جنهن ذريعي چيو پئي ويو ته پاڪستان ۾ سول وار ٿي رهي آهي، تحريڪ لبيڪ جي احتجاج ۾ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به شامل ٿي وئي، ن ليگ به گڏ ٿي انهن کان پڇان ٿو ته سلمان رشدي جو جڏهن ڪتاب آيو نواز شريف وزيراعظم به رهيو انهن ڪهڙي عالمي فورم تي مامرو اٿاريو، ان حوالي سان انهن ڪيترا بيان ڏنا هئا، پر اهي اڄ تحريڪ لبيڪ واران سان انتشار ڦهلائڻ لاءِ ملي ويا آهن، پنهنجي ملڪ ۾ مظاهرا ڪرڻ سان فرانس تي ڪو اثر نه پوندو، هن چيو ته اسان جي سوچ آهي ته مان مغرب کي سڀ کان وڌيڪ بهتر ڄاڻان ٿو، 2019ع ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مون اسلامو فوبيا بابت ڳالهه ڪئي، مغربي ملڪن ۾ ٿيندڙ توهين واري مامري تي مسلمان ملڪن کي گڏجي مغرب کي سمجهائڻو آهي، سيپٽمبر 2019ع ۽ ان بعد 2020ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ به مامرو اٿاريو، اقوام متحده جي انساني حقن جي باڊيز ۾ به حڪومت مسلسل مامرو کڻندي رهي آهي، مون سمورن مسلمان ملڪن جي سربراهن کي خط لکيو ته ان حوالي سان گڏيل حڪمت عملي ٺاهي وڃي، منهنجي حڪمت عملي اها آهي ته سڀ مسلمان ملڪ گڏجي يورپي يونين ۽ اقوام متحده کي ٻڌايو ته حضور جن جي گستاخي تي تڪليف ٿئي ٿي، هن چيو ته مغرب جي ماڻهن کي پنهنجي نبي سان ايترو پيار ناهي جيترو اسان مسلمانن کي پنهنجي نبي سان پيار آهي، مسلمان ملڪ گڏجي انهن کي سمجهائينداسين تڏهن انهن کي اثر ٿيندو، دنيا ۾ ٿورا يهودي آهن انهن گڏجي دنيا کي ٻڌايو ته هولوڪاسٽ لاءِ منفي ڳالهه نه ڪئي وڃي، مغرب ۾ ميڊيا هولوڪاسٽ لاءِ ڳالهه نه ٿي ڪري سگهي، 4 ملڪن ۾ ته ان بابت ڳالهائڻ تي ماڻهو جيل موڪليا ويندا آهن، ڇا اسان مغرب کي باور نه ٿا ڪرائي سگهون؟ مغرب کي سمجهه ئي نه آهي، اسان احتجاج ڪريون ٿا ته اهي چون ٿا ته مسلمان اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف آهن، هن چيو ته جيڪڏهن دنيا جا 50 مسلمان ملڪ گڏجي چوندا ته حضور جن جي گستاخي تي تجارت جو بائيڪاٽ ڪنداسين ته ان جو اثر ٿيندو، اسان پنهنجي مقصد تي پهچي سگهنداسين، نه ته سڄي زندگي به لڳا رهون ملڪ کي نقصان پهچائينداسين ۽ ان سان ڪجهه نه ٿيندو، منهنجي طريقي سان انهن کي سمجهه اچي ويندي، مان ان مامري جي قيادت ڪندس، پنهنجي قوم ۽ مسلمانن کي مايوس نه ڪنداسين، دنيا ۾ سوا ارب مسلمان آهيون، اسان کي حضور جن جي توهين سان تڪليف ٿئي ٿي، عالمن کي خاص طور تي چوان ٿو ته اهي مون سان گڏجن ۽ مدد ڪرڻ گهرجي، احتجاجن سان قوم کي نقصان ۽ دشمن کي فائدو ٿيو آهي، جرم ڪنهن ٻئي هنڌ ٿئي ۽ خودڪش حملو پاڻ تي ڪيون اهو ڪهڙو عقل آهي، هي وقت ملڪ کي نقصان پهچائڻ جو ناهي، هن وقت دشمن ئي ملڪ کي نقصان پهچائيندا، ٻه سال مشڪل گذريا آهن، ٻن سالن بعد معيشت اڳتي وڌي رهي آهي ان کي نقصان نه پهچايو وڃي.