اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ گهرو مامرن جو وفاقي وزير شيخ رشيد طبيعت ٺيڪ نه هجڻ، ڪجهه دير کان پوءِ هڪ اهم اجلاس هجڻ جو بهانو بنائي تحريڪ لبيڪ خلاف ڪارروائي بعد پيدا ٿيل صورتحال بابت قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيڻ کان ڀڄي ويو، مخالف ڌر جو گوڙ، احتجاج، اجلاس خميس تائين ملتوي تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته ختم نبوت جي مامري ۾ تحريڪ لبيڪ کان اسان پوئتي ناهيون، هن اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مون کي تحريڪ لبيڪ واري مامري تي پاليسي بيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، صبح جو 3 وڳي تائين هڪ ميٽنگ ختم ٿي ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ٻيهر هڪ ميٽنگ شروع ٿيڻي آهي، وزيراعظم به ان حوالي سان قوم کي خطاب ڪندو، تحريڪ لبيڪ بابت پاليسي بيان مذهبي مامرن جو وفاقي وزير نور الحق قادري ڏيندو، اهو چئي گهرو مامرن جو وفاقي وزير شيخ رشيد پاليسي بيان ڏيڻ کان پهريان ئي فائيل کڻي ايوان مان نڪري هليو ويو، جنهن تي مخالف ڌر جي ميمبرن پيپلزپارٽي، ن ليگ، جي يو آءِ جا ميمبر شامل هئا سخت احتجاج ۽ گوڙ ڪيو، مخالف ڌر جا ميمبر احتجاجن پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا، پيپلزپارٽي جي ميمبر راجا پرويز اشرف چيو ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪا ڪيفيت آهي حڪومت کي گذريل جمعي ڏينهن تي ئي ان بابت پاليسي بيان ڏيڻ گهرجي ها، ملڪ ۾ ميڊيا تي بليڪ آئوٽ ٿيل آهي، ان ڪري ملڪ افواهن جي زد ۾ آهي، وزيراعظم کي قوم سان ٽي وي تي خطاب ڪرڻ بجاءِ هن ايوان ۾ اچي تقرير ڪرڻ گهرجي ها، گهرو وزير هن ايوان جي توهين ڪئي آهي، هن چيو ته ملڪ کي خوفناڪ صورتحال طرف اماڻيو پيو وڃي، پيدا ٿيل صورتحال بابت گهرو زوير بجاءِ مذهبي مامرن جو وفاقي وزير بيان ڏيندو ڪمال آهي، توهان کي مامري جي حساسيت ئي سمجهه ۾ نه ٿي اچي، گهرو وزير جي گهر ٻاهران ڇا ٿي رهيو آهي اهو معلوم ڪيو، ڇا رياست مدينه ۾ ائين ٿيندوآهي، ڇا هي حڪومت هوش وڃائي چڪي آهي، اسان جي حڪومت جي دور ۾ ڊين مارڪ ۾ توهين جو مامرو سامهون آيو، ڇا اسان ماڻهن کي گوليون هنيون هيون، اسان ته عشق رسول جو ڏينهن ملهايو هو، توهان جيڪو پوکي رهيا آهيو اهو توهان کي لڻڻو پوندو ۽ اهو ملڪ کي به لڻڻو پوندو، توهان ڇا تحريڪ لبيڪ سان ڪيل معاهدو ايوان ۾ کڻي آيا، توهان کي معاهدو ڪرڻ جو ڪنهن اختيار ڏنو هو، ناموس رسالت لاءِ سڀني جو سر قربان آهي، نور الحق قادري منهنجي ڪابينا جو به وزير رهيو آهي، پر هتي ان مامري تي بيان ڏيڻ لاءِ وزيراعظم کي هجڻ گهرجي ها، توهان ذميوارين کان ڀڄي رهيا آهيو ملڪ سان دشمني ڪري رهيا آهيو، هن حڪومت کان وڌيڪ فاشسٽ حڪومت ملڪ اندر ڪڏهن نه آئي آهي، حڪومت پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ناڪام ٿي وئي آهي، حڪومت باهه سان کيڏي رهي آهي، پاليسي بيان ڏيندي مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته اسان تحريڪ لبيڪ سان گذريل ٽن چئن مهينن کان ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آخري ڳالهين جي ويهڪ ۾ اسان پارلياماني ڪاميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته ڪاميٽي جنهن معاهدي جي منظوري ڏني حڪومت ان کي قبول ڪندي پر تحريڪ لبيڪ احتجاج جو سڏ ڏنو، رستا بند ڪيا ويا، هن تصديق ڪندي چيو ته تحريڪ لبيڪ سان ٻيهر ڳالهيون شروع ٿيون آهن، ڳالهين جا ٻه دور ٿي چڪا آهن، ٽيون دور اڄ رات تراويحن کان پوءِ ٿيندو، اسلام جي جيتري وڪالت عمران خان عالمي سطح تي ڪئي ان کان پهريان ڪنهن ناهي ڪئي، هن چيو ته شريعت رستن تي جنازو پڙهڻ جي به اجازت نه ٿي ڏئي، جنهن تي جي يو آءِ جي ميمبر مفتي عبدالشڪور چيو ته جلاءُ، گهيراءُ ۽ ڌرڻا هڻندڙ پاڻ اقتدار ۾ آيا ته نبي جي عاشقن تي گوليون وسايون پيون وڃن، هن چيو ته هنن ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، پي ٽي وي تي حملو ڪيو، ڇا انهن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو هو، گهرو وزير کي هن ايوان کي منهن ڏيڻ گهرجي ها، هن وزير کي ٻه لقب ڏنا، جيڪي اسپيڪر ڪارروائي مان خارج ڪري ڇڏيا، هن مطالبو ڪيو ته حڪومت واضح ڪري ته هو حضور جن جي عاشقن سان گڏ آهي يا فرانس سان گڏ آهي، جنهن کان پوءِ پارلياماني مامرن جي وفاقي وزير علي محمد خان تقرير شروع ڪئي ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جا ميمبر سيٽن تي بيهي احتجاج ڪرڻ شروع ٿي ويا، گوڙ ۽ احتجاج دوران ئي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس جي ڪارروائي خميس ڏينهن 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اجلاس هڪ ڪلاڪ 24 منٽن تائين هلي سگهيو.