راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ لال حويلي ٻاهران واپارين جو احٽجاج، شيخ رشيد خلاف نعرا هنيا ويا، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي رهائشگاهه لال حويلي ٻاهران واپارين احتجاج ڪيو، لال حويلي ٻاهر موتي بازار ۽ راجا بازار جي واپارين احتجاج ڪيو ۽ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد خلاف نعريبازي ڪئي،واپارين جي احتجاج سبب لال حويلي ٻاهران رينجرز مقرري طلب ڪئي وئي، رينجرز جي اچڻ تي واپاري پرامن طريقي سان ڇڙ وڇڙ ٿي ويا.