ڪوٽڏيجي (رپورٽ: اميرگوپانگ) ڪوٽڏيجي سپر ايٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ الحيدري ڪورڪي حاجاڻا ٽيم کٽي ورتو. ڪوٽڏيجي کي شڪست، ان ڏس ۾ ڪوٽڏيجي سپر ايٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل الحيدري ڪورڪي حاجاڻا ۽ يا علي مدد اسٽارز وچ ۾ کيڏيو ويو. الحيدري جي ڪپتان اظھر حاجاڻو ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 8 اوورن ۾ 152 رنز ٺاهيون، ساجد 75 رنز جي اننگز کيڏي نمايان رهيو. جواب ۾ يا علي مدد جا رانديگر بالرن آڏو بيهي نه سگهيا ۽ سموري ٽيم 92 رنز تي ڍير ٿي وئي. الحيدري ڪورڪي حاجاڻا 60 رنسن تان ايونٽ کٽي ورتو، اسسٽنٽ ڪمشنر عاصم عباسي فاتح ٽيم جي ڪپتان اظھر حاجاڻو کي ونر ٽرافي ۽ انعام ۾ موٽر سائيڪل ۽ ڪيش پرائيز ڏنو.