اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾مختلف بلن جي منظوري سميت 4 بل وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽين ڏانهن اماڻيا ويا تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري اسلام آباد ۾ رهندڙ بزرگ شهرين جي فلاح ۽ باوقار آرام جي بندوبست لاءِ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، ان بل تحت اسلام آباد ۾ رهندڙ بزرگ شهرين جي فلاح و بهبود لاءِ انساني حقن واري وزارت ڪائونسل قائم ڪندي، جنهن کي بزرگ شهرين لاءِ ڪائونسل چيو ويندو، بزرگ شهرين جي ڊيٽا مرتب ٿيندي، بزرگ شهرين کي لائبريرين، پارڪن، تفريحي هنڌن تي مفت داخلا ملندي، سرڪاري اسپتالن ۾ کين سهولت ملندي، جڏهن ته ان بعد انساني حقن جي وفاقي وزير عورتن، ٻارن، بزرگن کي گهريلو تشدد کان تحفظ ڏيڻ لاءِ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جيڪو به متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، ان بل تحت گهريلو تشدد جو شڪار ڪو به شخص عدالت ۾ درخواست ڏئي سگهندو، ڏنل درخواست جي تاريخ جي 7 ڏينهن اندر عدالت ان تي ٻڌڻي مقرر ڪندي، فيصلو 90 ڏينهن اندر ڏنو ويندو، اهڙو ڏوهه تي 6 مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، جنهن بعد ننڍن ٻارن بابت انصاف جي نظام تي ٻڌل بل انساني حقن جي وزير شيرين مزاري پيش ڪيو، جيڪو وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽي کي اماڻيو ويو ، جڏهن ته مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نور الحق قادري قرآن مجيد جي غلطين کان پاڪ اشاعت ۽ رڪارڊنگ بابت ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو به لاڳاپيل ڪاميٽي ڏي اماڻيو ويو، آزاد ڄمون ڪشمير جي ملڪيتن جي قانون 1961 ۾ ترميم جو بل مملڪتي وزير علي محمد خان پيش ڪيو، جيڪو به ڪاميٽي کي اماڻيو ويو، ناڻي وزير شوڪت ترين پاران مملڪتي وزير علي محمد خان وفاقي حڪومت جي نگراني ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن کي بورڊن ذريعي هلائڻ لاءِ قانون جو بل پيش ڪيو، جيڪو وڌيڪ غور لاءِ ڪاميٽي کي اماڻيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي بل رياستي، ملڪيتي، انٽرپرائيزز جي گورننس ۽ آپريشنس جي بل جي نالي سان سڏيو ويندو، بورڊ کي اداري جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري، برطرفي، ڪنهن به ڪاروباري منصوبي جي منظوري ڏيڻ، اداري جي ڪنهن اثاثي کي وڪرو ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جا اختيار هوندا، هن قانون جو اطلاق پاڪستان ريلوي، پوسٽ آفيس، ڪمپنيز ايڪٽ تحت قائم ڪيل ادارن، پاسڪو، پي ايس ا ۽ ٻين ادارن تي هوندو.