اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس فائز جي گهرواري کان سوال پڇڻ تي جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منيب اختر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، سيرينا عيسيٰ کان سوال ڪندي جسٽس جنيب اختر چيو ته ايف بي آر موجب توهان ٻارن جي تعليم لاءِ پرڏيهه پئسا اُماڻيا هئا، جنهن تي جسٽس قاضي عيسيٰ چيو ته ايف بي آر وٽ ان جو ڪهڙو ثبوت آهي؟ منهنجي گهرواري وڪيل ناهي، اهڙا سوال نه پُڇيا وڃن، جسٽس منير اختر، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مداخلت نه ڪريو، چُپ ڪري ويهي رهو، سيرينا عيسيٰ پاڻ دليل ڏئي رهي آهي ته سوالن جا جواب به ڏيندي، جسٽس عمر عطا بنديال سيرينا عيسيٰ سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان وڌيڪ بهتر دليل ڏئي رهيون آهيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا آئون پنهنجي گهرواري کي وڪيل ڪريان؟ جسٽس سجاد علي شاهه مسُڪرائيندي جواب ڏنو ته توهان گهڻي دير ڪري ڇڏي، پهرين سوچڻ گهرجي ها، عدالت سيرينا عيسيٰ کي اڄ دليل مختصر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.