اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت نوري آباد ريفرنس ڪيس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت عدالت ۾ موجود سمورن جوابدارن کي ٻه ٻه لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي مراد علي شاهه جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، تفصيل موجب سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي جي سامهون نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ڪيس ۾ پيش ٿيو، عدالت هڪ جوابدار جي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سندس گرفتاري جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته مراد علي شاهه سميت ٻين جوابدارن کي ڪيس ۾ ٻه ٻه لک رپيا ڌار سان مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، مراد علي شاهه مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي، جنهن تي عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي، ان ڪري حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. ٻڌڻي کان پوءِ نيب اهلڪارن ٻن گاڏين ۾ موجود ريفرنس جون ڪاپيون احتساب عدالت پهچايون.