ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات پوڻ جي نتيجي ۾ فصلن ۽ انبن جي باغن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته مختلف حادثن ۽ کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ۽ 3 سئو مڻ ڪڻڪ جي ديري کي باهه لڳي وئي. ان ڏس ۾ سکر ۾ تيز ھوا سبب 115 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنھن جي نتيجي ۾ سکر، شڪارپور، دادو، جوھي، شھدادڪوٽ، ميرور خان، خيرپور، رسول آباد، نارو، خيرپور سميت مختلف علائقن ۾ ڪيتري ئي وقت تائين بجلي جي فراھمي معطل رھي، سيپڪو ترجمان امير علي بلوچ، چيف انجنيئر سيپڪو سرفراز احمد بجلي ٽرپنگ واري معامري جي مانيٽرنگ ڪندي ٽيمون روانو ڪيون، ٽيمن ھوا جو دٻاءٌ گھٽجڻ بعد آپريشن ڪري بجلي بحال ڪرائي، مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ مٽيءَ جي طوفان سان برسات جو وسڪارو ٿيو. غوثپور ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، جڏهن ته آبادگارن جو کليل آسمان هيٺ پيل ڪڻڪ پسي وئي. باهو کوسو شهر جي آس پاس علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو. ڏوڪري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ مٽيءَ جو طوفان ۽ گجگوڙ سان ھلڪي ھلڪي برسات پئي. جنهن دوران ٺل ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب سبزي جي فصلن کي سخت نقصان رسيو آهي. قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ مٽيءَ جو طوفان ۽ گجگوڙ سان ھلڪي برسات پئي، برسات سبب ھزارين ايڪڙن تي پوکيل ھنداڻي جي فصل کي نقصان رسن جو انديشو ٿي پيو آهي. روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ ھلڪي ھلڪي برسات سبب مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، تيز ھوا سبب بجليءَ جي پول تي ڏاڪڻ رکي ڪم ڪندڙ ريلوي ملازم غلام علي انصاري ۽ جاويد علي سومرو زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. فريدآباد ۽ ڀرپاسي ۾ مٽي جو تيز طوفان لڳڻ کنوڻين جا چمڪاٽ ۽ وڄن جا وراڪا جاري ڪاڇي واري علائقي وارھ تعلقي جي ڳوٺ گاجي بخش معرفاڻي ۾ ڪڻڪ جي پيل ٻار تي وڄ ڪرڻ سبب ايس يو پي ضلع دادو جي اڳواڻ حاجي خان معرفاڻي جي ڦڦاٽ شمن معرفاڻي پٽ محمد صلاح معرفاڻي جي ڪاڇي جي 25 جريبن جي ڪڻڪ جي ٻار مڪمل طور سڙي وئي آهي ٻڌايو پيو وڃي ته پورھيت جي 300 مڻن کان وڌيڪ ڪڻڪ کنوڻ ڪرڻ سبب سڙي رک ٿي وئي آهي.