دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) جي قانون جي ڀڃڪڙي تي سريلنڪن ڪرڪيٽر دلهارا لوڪوهيٽيگي تي8 سالن لاءِ هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن ٽريبول اماراتي ڪرڪيٽ بورڊ( اي سي بي) دلهارا لوڪو هيٽيگي کي سزا ٻڌائي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سزا کاڌل رانديگر ميچ فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ ۽ آڇ بابت لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪرڻ جي حوالي سان آءِ سي سي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته دلهارا لوڪو هيٽيگي کي سريلنڪن ۾ ڪرپشن جي خاتمي واري سيشنز به اٽينڊ ڪرڻا پوندا، سزا 3 اپريل 2019ع کان شروع ٿيندي، جنهن ڏينهن هو يو اي اي ۾ ٽي 10 ليگ ۾ آءِ سي سي جي قانون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو هو، کيس عبوري طور ڪرڪيٽ مان معطل پڻ ڪيو ويو آهي.