وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل جا گرفتاري وارنٽ جاري

0
299

لاهور: لاهور جي عدالت وزيراعظم عمران خان جي خاص معاون شهباز گل جي گرفتاريءَ جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن. مقامي عدالت ۾ شهباز خلاف هڪ نجي ڪمپني پاران داخل ڪريل دعويٰ درخواست جي ٻڌڻي ٿي

نجي ڪمپني شهباز گل خلاف داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته وزيراعظم جي خاص معاون ٽي وي پروگرام ۾ ڪمپني تي ڪوڙا الزام لڳايا. لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج حسنين اظهر شاهه درخواست جي ٻڌڻي هلائي ۽ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي شهباز گل جي گرفتاريءَ جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا

ايڊيشنل سيشن جج وزيراعظم جي خاص معاون کي پهرين نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

بلاول واشنگٽن ۾ ”مين هون نا“ جي شوٽنگ ڪرڻ وڃي رهيو آهي: شهباز گل