حيدرآباد: تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي او سيڪينڊري کي توهين عدالت نوٽيس، پيشي جو حڪم

0
326

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 7 سال اڳ جي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار کي ملازمت نه ڏيڻ تي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي او سيڪينڊري کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

هٽڙي واري علائقي سان تعلق رکندڙ ڪامران مصطفيٰ ڇلگري وڪيل وقار احمد عباسي معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو هو ته 2014ع ۾ اين ٽي ايس ذريعي جي ايس ٽي جي ٽيسٽ ڏني، پاس ٿيڻ باوجود ملازمت نه ڏني وئي

درخواست جي ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ کي وڪيل آگاهي ڏني ته لاڳاپيل عدالت 2020ع دوران عملدارن کي ملازمت ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي اڄ تائين عمل نه ٿيو

عدالت دليل ٻڌڻ بعد تعليم کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽر رسول بخش شاهه ۽ ڊي اي او سيڪينڊري پير غلام محي الدين شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي 4 نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو