ڪوٽڙي جي قديم مندر ۾ شرپسندن جي ڀڃ ڊاهه، لکين روپيا ۽ قيمتي سامان چورائي ويا

0
203
وڏي وزيرجي نوٽيس وٺڻ

ڪوٽڙي: اڻڄاتل شرپسند جوابدار ڪوٽڙي شهر جي علائقي دريابند وٽ قائم آڳاٽي مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد لکين روپيا ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. واقعو رات جي وقت پيش آيو. مندر جي بي حرمتي ۽ چوري واري واقعي تي هندو برادري ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي

ڪوٽڙي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، پر اڃا تائين جوابدارن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. اقليتي معاملن جي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڄامشورو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته مندر جي بي حرمتي ۽ چوري جو واقعو افسوسناڪ آهي، جوابدارن جو جلد پتو لڳائي انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي

ڪوٽڙي جي هندو برادري جو چوڻ آهي ته شرپسندن پاران مندر ۾ ڀڃ ڊاهه بعد لکين روپيا روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان به چوري ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته پوليس شرپسندن کي فوري طور گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏياري

ھي به پڙھندا

رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي ۾ ملوث 95ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ