رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي ۾ ملوث 95ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
257
رحيم يار خان ۾ مندر

اسلام آباد (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ۾ رحيم يار خان جي مندر تي حملي خلاف پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي طلب ڪري ورتو، عدالت هندو نينگر کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ بند ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي آگاهي ڏني ته مندر تي حملو ڪندڙ 95 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.