وري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو رينگٽ

0
96
سنڌ-۾-دريائي-ٻوڏ-جي-صورتحال

   ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي سلسلي ۾ وري رينگٽ شروع ٿي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي پنجاب واري ميمبر راجا رياض الحق چيو آهي ته 2 ڪروڙ ايڪڙ کان وڌيڪ زمين  پاڻي کوٽ سبب غير آباد پئي آهي. اها آباد ٿئي ته 10 کان 12 ارب ڊالرن جي آمدني ٿي سگهي ٿي. پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ سبب صوبن ۾ اختلاف ٿين ٿا. ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن تي اتفاق نٿا ڪري سگھون. وڏا فيصلا ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته بيراجن جو ڪنٽرول واپڊا کي ڏنو وڃي. سنڌ کي سنڌ جي انڊيٽ تحٽ پاڻي ملڻ کپي. ٽيلي ميٽري سسٽم اڃا نه لڳو آهي. بلوچستان کي 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون. ڪڇي ڪينال رڳو 80 ارب رپين جو منصوبو آهي. ان لاءِ مناسب فنڊ رکيا وڃن. پ پ جي ٺٽي مان چونڊيل ميمبر شمس النساءَ چيو ته پاڻي کوٽ خلاف ٺٽي ضلعي جا آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن. ٺٽي ۾ آبادگار تمام متاثر ٿيا آهن. ٺٽي جون زمينون سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي رهيون آهن. هن وقت تائين ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي 25 لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. اگر تدارڪ نه ڪيو ويو ته 2050ع تائين سمنڊ جو پاڻي ٺٽي تائين اچي ويندو.

مٿي جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون آهن تن جو سبب هيٺين مسئلن کي ٻڌايو ويوآهي: _ 1. 2 ڪروڙ ايڪڙ کان مٿي زمين غير آباد پئي آهي. اها جيڪڏهن آباد ٿئي ته 10 کان 12 ارب ڊالر جي آمدني ٿي سگهي ٿي.

2.ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن تي اتفاق نٿو ٿي سگهي.

3.بيراجن جو ڪنٽرول واپڊا کي ڏنو وڃي.

4.ڪڇي ڪينال ٺاهڻ لاءِ مناسب فنڊ ڏنا وڃن.

5.ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي 25 لک ايڪڙ زمين سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. جيڪڏهن مناسب تدارڪ نه ڪيو ويو ته سال 2050 ع تائين ٺٽي تائين اچي ويندو. اچو ته انهن مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪريون.

پهريون مسئلو آهي ته 2 ڪروڙ ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ: انهي سلسلي ۾ ديامير ڀاشا ڊيم ٺهي رهيو آهي، جنهن تي فنڊ وفاقي حڪومت ڏئي رهي آهي. انهي مان وڌيڪ زمين آباد ٿي سگهي ٿي.

ٻيو مسئلو آهي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو: انهي ۾ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا صوبن وارن کي اعتراض آهي. سنڌ جو اعتراض آهي ته هن ڊيم ٺهڻ ڪري سنڌ جو پاڻي گھٽجي ويندو. ٻيو اعتراض آهي ته اهو ڊيم پنجاب ۾ ٺهندو ۽ پنجاب وارا جي آپريشن ۾ گڙٻڙ ڪندا. ٽيون اعتراض آهي ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ ڪري ڪابل درياهه معرفت ايندڙ پاڻي گهٽجي ويندو. خيبرپختونخوا صوبن وارن جو اعترض آهي ته ان ڊيم ٺهڻ ڪري انهن جو نوشهرو شهر ٻڏي ويندو. جيڪو سال 1929ع ۾ ٻڏو هو، ٻيو اعتراض آهي ته انهن جون ايس سي اي آر پي واريون اسڪيمون متاثر ٿينديون. ٽيون مسئلو آهي  بيراجن جو ڪنٽرول واپڊا جي حوالي ڪيو وڃي: انهيءَ تي سنڌ کي ڪو اعتراض نه ٿيندو جو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي سنڌ جو اعتراض آهي ته ڇو  جو اهو ڊيم پنجاب ۾ٿو ٺهي تنهن ڪري ان ريگيوليشن ۾ پنجاب وارا هٿ چراند ڪندا. چوٿون مسئلو آهي ڪڇي ڪينال ٺاهڻ لاءِ مناسب فنڊ ڏنا وڃن. سنڌ جو نڪته نظر اهو آهي ته پاڻي واري ٺاهه ۾ ڪڇي ڪينال جو ذڪر ڪونهي، جڏهن انهي جو ذڪر ڪونهي ته اهو ڪينال ڇو ٺاهيو ويو؟ جيترو ٺهي ويو اهو ڪافي آهي. ان تي وڌيڪ ڪم نه ڪرڻ کپي. تنهن ڪري انهي تي وڌيڪ فنڊ نه ڏنا وڃن.

پنجون مسئلو آهي سمنڊ جو چڙهي اچڻ ۽ ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن جي زرعي زمين جو ٻڏڻ. اهو تڏهن ممڪن ٿي سگھندو جڏهن ديامير ڀاشا ڊيم ٺهندو. جو عالمي پينل آف ايڪسپرٽس مطابق زرعي زمين کي سمنڊ جو پاڻي روڪڻ لاءِ هر ڏينهن ڪوٽڙي کان هيٺ 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي کپي ۽ هر 5 سالن ۾ 25 ملين ايڪڙفوٽ  پاڻي کپي. اهو ٿئي ٿو 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ. اسان پاڻي ٺاهه ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهريو هو. هاڻي عالمي پينل وارن 10 جي بجاءِ رڳو 8.9 ملين ايڪڙ فوٽ رکيو آهي. اهو به تڏهن ملي سگھندو جڏهن ديا مير ڀاشا ڊيم ٺهندو.

هي آهي منهنجي خيال ۾ مٿين مسئلن جو حل. پر مکيه مسئلو آهي ڊيم جو ٺهڻ، جنهن تي سنڌ وارن ۽ خبرپختونخوا وارن جا اعتراض آهن.