آئي ايم ايف، ايف ايم آئي ۽ ست جملا

0
211
قائدِاعظم جيَ روح سان ملاقات: ملڪي حالتن جو چٽو پٽو عڪس

   اچو ته سڀ گڏجي وفاقي حڪومت تي هي زور بار وجهون ته اسان جي نصاب ۾ جهڙي طرح ماضي ۾ هڪ آمر پاران پاڪستان اسٽڊي ۽ اسلاميات کي يونيورسٽي سطح تائين جي ڪورسن ۾ هڪ لازمي مضمون جي طور داخل ڪيو ويو هو بلڪل اهڙي طرح سان حڪومت آئي ايم ايف کي به بطور هڪ لازمي مضمون جي اسڪولي سطح کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين جي نصاب ۾ داخل ڪري. ايئن ڪرڻ سان اسان جو پڙهيل لکيل طبقو هڪ پاسي آئي ايم ايف کان بخوبي واقف ٿيندو ته ٻئي پاسي هن جي پاليسين ۽ ضابطن تي به دسترس حاصل ڪري وٺندو. امڪان هي به موجود آهي ته ايئن ڪرڻ سان اسان جو عوام آئي ايم ايف جي خلاف گهٽ يا نالي ماتر ردعمل ڏيکاريندو. آئي ايم ايف کي ڪورسن جو حصو بڻائڻ جو نتيجو هي نڪرندو ته اسان جي بي ساکي حڪومتن کي  ناڻي کاتي جي لاءِ گهربل معاشي ماهرن، مشيرن ۽ وزيرن کي مقرر ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي نه گهرائڻو پوندو.

حڪومتن کي پنهنجي ئي ملڪ مان گهربل موضوع تي تمام بهترين، ۽ ماهر اميدوار ملي ويندا. ۽ هن ڳالهه کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته اسان جا اهي پڙهيل لکيل همراهه آئي ايم ايف کي وائڙو به ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي معاشي – اقتصادي ڄاڻ ۽ مهارتن جي آڌار ڏيتي ليتي جي لاءِ بهتر پوزيشن ۾ هوندي بهتر بارگيننگ ڪري سگهن ٿا! باقي اسان ته ناڻي وزير ميان مفتاح اسماعيل جون تقريرون، پريس ڪانفرنسون، مهاکڙا ۽ بيان ڏسي ٻڌي هن نتيجي تي پهتا آهيون ته هن اتحادي حڪومت جنهن جو هڪ ٿنب پي پي پي، ٻيو ٿنب جي يو آئي، ٽيون ٿنب خود پي ٽي آئي ۽ چوٿون ٿنب نيوٽرل آهي ان حڪومت ۾ به عوام جي لاءِ ڪا خير جي خبر ڪانهي ڪا. هر روز مفتاح اسماعيل عوام تي پريشانين جا تير وسائيندو رهي ٿو ۽ اڳوڻي وزيرِاعظم وانگي يو موڙ وٺڻ به شروع ڪيا اٿس. تيل جون قيمتون وڌائڻ جو سبب هڪ ڏينهن آئي ايم ايف ته ٻئي ڏينهن تي بيان ٿو اچي ته قيمتن وڌائڻ جي پويان آئي ايم ايف ناهي. وري مهاکڙي ۾ بيان ٿو ڪري ته آئي ايم ايف تيل تي 50 رپين کان مٿي ليوي لڳائڻ جو به چيو آهي. اسين هرمهيني في لٽر 5 رپيا تيل تي ليوي لڳائينداسين. بجلي، گئس ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي موجود عام واهپي وارين شين يا ٻين اسمن تي رکيل سبسڊيز کي به عوام هاڻي هن مشهور چوڻي وانگي ڏسي، سوچي ۽ سمجهي ته، “ٻڪريَ جي ماءُ آخر ڪيسيتائين خير گهرندي!”

ملڪ جا معاشي مسئلا ۽ اقتصادي پاليسيون جتي ملڪ جي بين الاقوامي ساک کي متاثر ڪري رهيا آهن اتي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ عوام جي دل و دماغ ۾ بداعتمادي کي وڌيڪ سگهارو ڪري رهيا آهن. ساک متاثر ٿئي ته دنيا توهان کي اڪيلو ڪري ڇڏي ٿي ۽ عالمي معاشيات ۾ رهندي اسان هن قسم جو جوکم کڻي نٿا سگهون. اهوئي سبب آهي جو باوجود تيل جي قيمتن ۾ ٺيڪ ٺاڪ واڌ ڪرڻ جي: قرض جي قسطن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي سفارتي مدد به نٿي ملي. عوام ۾ بداعتمادي به پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو بنياد به اوترو ئي پراڻو آهي جيتري هن ملڪ جي تاريخ. اڄ عوام نه سياسي پارٽين تي اعتبار ٿو ڪري، نه مذهبي ڌرين جي ڏٽي ۾ ٿو اچي، نه معاشي ۽ اقتصادي ماهرن جي ڳالهين تي ڌيان ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري نيوٽرل کي نيوٽرل ٿو سمجهي. جنهن جو مظاهرو مڪاني چونڊن ۾ نظر اچي رهيو آهي. ته ڪيئن عام عوام سنڌ جي مشهور عوامي پارٽي تي ڇوهه ڇنڊي رهيو آهي. باقي هر پارٽي ۽ هر ڌر جا ملڪ ۾، توڙي ٻاهر سوين هزارين ميمبر به موجود آهن ته همدرد به، هن حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر انهن ۾ گهڻائي هاڻي ڪٽي کائڻ وارن مجنوئن جي آهي. اهو دور گذري ويو جڏهن هر پارٽي وٽ نظرياتي ڪارڪنن جي هڪ بهترين کيپ هوندي هئي ۽ اها کيپ ئي هنن جي سگهه ۽ سڃاڻپ هوندي هئي. هن وقت نظريي ناڻي جو ويس پهري ڇڏيو آهي ۽ پارٽين پاڻ کي ڪمپنين ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي کي ئي هر پارٽي پنهنجي سگهه ۽ سڃاڻپ خيال ڪري ٿي ۽ ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي ملڪ جا سياسي ۽ معاشي مسئلا طئي ٿين ٿا پر حل ڪرڻ ڏانهن ڪنهنجو به ڌيان ڪونه ٿو وڃي يا ڄاڻي ٻجهي مسئلن کي حل ئي نٿو ڪيو وڃي. مڪاني چونڊن ۾ جيڪو ماحول نظر اچي ٿو ان مان لڳي ٿو ته سنڌ هاڻي پنهنجي سياسي متبادل ڏانهن وکون کڻي رهي آهي.

آئي ايم ايف يعني “انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ” معيشت جو اهو اونچو پهاڙ آهي جنهن پهاڙ تان قرضن جي وهندڙ دريائن جو رخ صرف ترقي پذير ملڪن ڏانهن هجي ٿو. پاڪستان 1950ع کان آئي ايم ايف جي ان درياءَ ۾ آهي ۽ هن وقت تائين ٻاويهه ڀيرا ٽٻيون هڻي چڪو آهي. هن وقت هي درياءَ تار وهي رهيو آهي ۽ ملڪ جي معاشيات ان ۾ غوطا کائي رهي آهي. معاشي ٽوٻا ڪوششون ته ڪري رهيا آهن ان کي بچائڻ جون، پر ڳالهه ڳري ٿي نظر اچي. مزي جي ڳالهه ته ملڪ تي عالمي مالياتي ادارن جي قرضن کان وڌيڪ گهرو مالياتي ادارن جي قرضن جو بار آهي. جيڪا به حڪومت اچي ٿي پنج سال آئي ايم ايف، گردشي قرض، لوڊشيڊنگ، بيروزگاري جو ورد ڪرڻ سان گڏ پاڻ کي ايماندار، ملڪ کي مسئلن مان  ڪڍڻ جي لاءِ پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهڻ ۽ پوئين حڪومت کي بي ايمان ثابت ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي ٿي حڪومتن جو اهو رويو ئي ملڪ جي عالمي ساک کي متاثر ڪرڻ ۽ عوام ۾ بداعتمادي پيدا ڪرڻ جو مک سبب بڻجي ٿو ۽ بڻجي رهيو آهي. سياستدان جيڪڏهن ذاتي عناد ۽ رنجشون ڇڏين ۽ پاڻ ۾ گڏ ويهي يا هڪ گول ميز ڪانفرنس ڪري ملڪي مسئلن تي کلي ڳالهائين ته هن ۾ حرج ڪهڙو آهي ۽ اسان جا ادارا جيڪڏهن سياست کان پاڻ کي مڪمل طور تي آجو ڪن ته هن ۾ برائي ڪهڙي آهي. پر هن ملڪ ۾ هن قسم جا خواب ڏسڻ بس هڪ خواب ئي آهي.

ايف ايم آئي يعني “فلاسافر مفتاح اسماعيل” پنهنجي معاشي فلاسافي آڌار ڪوششون ته گهڻيون ڪري رهيو آهي ته ملڪ جي معاشيات کي غوطن کان بچايان پر هن همراهه به ملڪي معيشت کي سنئين دڳ تي آڻڻ لاءِ بس سبسڊيز کي ختم ڪرڻ، آئي ايم ايف جي ها ۾ ها ملائڻ ۽ ان پاران قرضن  جي قسطن جي ملڻ کي ئي واحد حل تصور ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف نون ليگ وارا چون ٿا ته، “صرف اسان ڇو عوام ۾ ۽ نيوٽرل وٽ خوار خراب ٿيون. اسان جا ٻيا اتحادي اسان سان ڇو ڪونه ٿا ڀاڱي ڀائيوار ٿين!” هنن جي هي شڪايت جائز به آهي ته هڪ لاچاري کي به ظاهر ڪري ٿي. پر اتحادين جي هي ڪارگذاري رهي آهي ته اهي مشڪل وقت ۾ ساٿ ڇڏي هليا ويندا آهن. سنڌي ۾ چوڻي مشهور آهي ته ميرن کي به گهران لڳي هئي. بلڪل ساڳي طرح سان عمران خان کي به اتحادين مان ئي لڳي هئي. شهباز شريف کي به اتحادين مان ئي خطرو آهي. اتحادين کي صرف اشاري جي ضرورت هوندي آهي! هن وقت ايف ايم آئي سان گڏ سندس پارٽي ۽ سندس قيادت مشڪل ۾ آهي سو ڪوبه اتحادي اڳيان ڪونه ايندو ۽ اڳيان نه اچڻ جا انهن وٽ بهانا نه پر منطق ۽ دليل هوندا ڇاڪاڻ جو بهانن ڪرڻ جو دور گذري ويو. خليل جبران چوندو هو ته، ماڻهن جو هڪٻئي جي معاملن کي سمجهڻ جي لاءِ پنهنجي ٻولي کي ستن لفظن تائين محدود ڪرڻ گهرجي. يعني هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي لاءِ ست لفظن جي لغت تيار ڪري ۽ اڳلي کي ٻڌائي ته هو منهنجي هنن ستن لفظن جي پيروي ڪري. مثال طور آفيس ۾ هڪ باس پنهنجي ماتحت ملازمن جي لاءِ ست لفظ گهڙيندو ۽ انهن جي پيروي ڪرڻ لاءِ چوندو ته اهي ست لفظ هي به ٿي سگهن ٿا: پابندي، گفتگو، بحث، ڌيان، اجازت، سالگره ۽ بجلي. هنن ستن لفظن جي آڌار باس پنهنجي آفيس جي ايس او پي تيار ڪري سگهي ٿو. ممڪن آ ته اسان جي عوامي پارٽين به نيوٽرل سان معاملا طئي ڪرڻ جي لاءِ خليل جبران واري فارمولي تي ئي عمل ڪيو هجي!

سو اچو ته اسان به انهن ستن جملن جي پوئيواري ڪيون جن کي وقت به وقت اسان جي سياستدانن سان گڏ اداراجاتي سربراهن پاران گهڙيو وڃي ٿو ۽ ايف ايم آئي جي ڏسيل واٽ تي هلئون جيڪو آئي ڏينهن اسان جي مهانگائي جي ديوَ سان ملاقات ڪرائي ٿو. اهي ست جملا آهن “ملڪ نازڪ  دور مان گذري رهيو آهي”، “دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم نٿي ڪري سگهي”، “پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان بهتر ناتا چاهيون ٿا پر اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي”، “آئي ايم ايف خوش ناهي”، “مشڪل فيصلن کي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي عوام هڪ ويلي جي ماني کائڻ بند ڪري”،“پوئين حڪومت معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. “مهانگائي صرف پاڪستان ۾ ناهي تيل جون قيمتون نه وڌايون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها” وغيره. دعا ٿا گهرون ته رب سائين اسان کي هنن ستن جملن جي پويان جيڪو منطق آهي ان کي سمجهڻ جي توفيق ۽ مهانگائي کي سهڻ جي همت عطا فرمائي!