نيٺ ڇا ٿيندو؟ سوال/سروي يوٽيلٽي اسٽور بي لاڀ، مارڪيٽ ۾ مهانگائي وڌيل، انتظاميا ستل، واپارين عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن: عوام

0
477

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هفتي اندر اٽو، دال، گوشت ۽ پٽاٽا مهانگا ٿي ويا، ڇا اوهان جي علائقي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي اگهه تي عام واهپي جون شيون ملي رهيون آهن؟ ڇا اوهان جي علائقي ۾ عام مارڪيٽن ۾ سرڪاري اگهن تي عمل ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سرڪاري اگهن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، انتظاميا پاران ڪا به ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي، يوٽيلٽي اسٽور به بي لاڀ بڻجي ويا آهن، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو پريشان آهن، واپارين عام واهپي جي شين جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته وارھ شھر ۾ سرڪاري اگھه تي مڪمل عمل ڪو نه ٿو ٿئي. گيھه 240 ۽ کنڊ 100 رپيا ٿي ويو آھي. خادم گهراڻو لکيو ته نصر پور ۾ رمضان مهيني ۾ هر شي جا اگهه چڙهي ويا، کير جو اگهه وڌي ويو 120 کان 130 رپيا لٽر تي پهتو آهي، يوٽيلٽي اسٽور تي رش آهي جنهن ڪري اتان سامان ناهي ورتو، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ٿرپارڪر ۾ سرڪاري اگهن تي عمل نه پيو ٿئي، اٽو به 2200 کان 2300 رپيا مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي، منٺار سومرو لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور تي سستو سامان ملي ٿو پر ڏکيائي ٿئي ٿي، گيهه يا کنڊ سان گڏ چون ٿا ته ٻيو سامان به ضرور وٺو ايئن نٿا ڏين. نذير احمد لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ يوٽيلٽي اسٽور جو سامان دڪانن وارن کي ڏين ٿا، نماڻو نوناري لکيو ته ٺل مهانگائي آهي، عبدالغني کوسو لکيو ته ٺل ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي سامان ناهي، حسين بخش جمالي لکيو ته ڳڙهي خيرو هن وقت تائين يوٽيلٽي اسٽور جي سهولت کان محروم آهي، عبدالجبار بلوچ لکيو ته ٽنڊوڄام ۾ يوٽليٽي اسٽور تان کنڊ ۽ اٽو نٿو ملي، حاجي ملاح لکيو ته پيرولاشاري ۾ 8سالن کان يوٽيلٽي اسٽور بند ھئڻ سبب واپارين جي ھڪ هٽي قائم آهي، يار محمد ميمڻ لکيو ته هتي واپارين جي مرضي هلي ٿي، حبيب راڄپر لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور ضلعي سطح تائين هجڻ ڪري ٻھراڙي وارا ماڻھو مھانگائي کي وڌيڪ ڀوڳين ٿا، عاشق حسين لکيو ته شڪارپور ۾ روينيو عملدار ڪوشش ڪن ٿا پر منافع خور مڙن ڪونه ٿا، صوفي طارق علي کوسو لکيو ته انڙپور/ مانجھند ۾ پهريان يوٽليٽي اسٽور هوندو هو اهو ختم ڪيو ويو، گوشت 430 مان وڌي 500 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، رئوف عباسي لکيو ته يوٽيلٽي اسٽورن وارا مارڪيٽ ۾ واڌو اگهه تي سامان کپائن ٿا، ادريس ڪانڌڙو لکيو ته يوٽيلٽي اسٽورن تان عوام کي لاڀ نٿو ملي، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته چيلهار ۾ يوٽيلٽي اسٽور ناهي ۽ نه ئي وري سرڪاري اگهن تي عمل ٿي رهيو آهي، سارنگ هليو لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري اگهن تي ڪو به عمل نه ٿي رهيو آهي، ضلعي انتظاميا خاموش آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته يوٽيلٽي اسٽورن تي گهٽ سامان ملي ئي نٿو، عاشق خاصخيلي لکيو ته هر شيءِ مهانگي آهي، ڪاشف لغاري لکيو ته ملڪاڻي شريف ۾ دال ۽ گوشت سميت عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ ڏينھون ڏينهن تيزي سان واڌارو ٿي رھيو آهي، هتي يوٽيلٽي اسٽور ۽ ريٽ لسٽ ناهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ سرڪاري اگهن تي عمل نه ٿو ٿئي، خان بلوچ ۽ اقبال سميجو لکيو ته يوٽيلٽي اسٽور تي فائدو نٿو ٿئي، اساما خان لکيو ته ڪٿي به سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ٿئي، مدثر کهاوڙ لکيو ته گاجي کهاوڙ ۾ ته يوٽيلٽي اسٽور ئي ڪونهي. ڪافي سال اڳ هيو جيڪو بند ڪيو ويو، آفتاب لغاري لکيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي آهي، عبدالجبار راڄڙ لکيو ته عمرڪوٽ ۾ ريٽ لسٽن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، واحد علي لکيو ته ٻڍي ٽالپر ۾ يوٽلٽي اسٽور تي کنڊ ڪلو 110 رپين کان به وڌيڪ وڪرو ٿي رهي آهي، محمد يونس لکيو ته ڪوٽڙي شهر ۾ مهانگائي آهي، عباس علي چاوڙو لکيو ته لاڏيون شهر ۾ سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ڪيو وڃي، نياز ڪلوئي لکيو ته سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ٿئي، شربت علي جعفري لکيو ته ضلعي ڪشمور ۾ ته رمضان ايندي ئي عام شيون جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، يوٽيلٽي اسٽور تي بهاني ڪري ماڻهن کي موٽايو ٿو وڃي، طارق حسين راڄپر لکيو ته سوئي گيس ۾ سرڪاري اگهن تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، سرفراز ساريو لکيو ته تعلقي سجاول جوڻيجو ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي سستي اگهه ۾ سامان ملي رهيو آهي باقي عام دڪاندارن طرفان هر شئي جا من پسند اگهه مقرر ڪيا ويا آهن، عصمت الله رند لکيو ته ٿرپارڪر ۾ سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ٿئي، وقاص ياسين لکيو ته ڦلجي اسٽيشن ۾ دڪاندارن تي ريٽ لسٽون نٿيون لڳايون وڃن، لاڳاپيل آفيسر ڪارروائي نٿا ڪن، اختر سنڌيار لکيو ته تنگواڻي شھر جي يوٽيلٽي اسٽور ۾ سامان ئي موجود ناهي، عبدالله ميراڻي لکيو ته انتظاميا ننڊ ستل آهي، واپارين من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، علي حسن جمالي لکيو ته دادو ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، گيهه ۽ اٽو اڻلڀ آهي، سرڪاري اگهن تي به عمل نه پيو ٿئي، ايم عشرت بروهي لکيو ته عوام کي ڦريو پيو وڃي ڪير پڇڻ وارو ناهي، ساگر امير حيدر ۽ شمس الدين به مهانگائي جي شڪايت ڪئي، نقاش احمد نوناري لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ سڀني يوٽيلٽي اسٽورن تي ٻه ڪلو کنڊ سان گڏ 60 رپين جو صابڻ وٺڻ لاءِ چيو وڃي ٿو،10 ڪلو اٽو وٺڻ لاءِ 180 رپين جو صرف وٺڻ جو چيو ٿو وڃي، جنهن ڪري غريب پريشان ٿين ٿا، مير سردار چنڙ لکيو ته حيدرآباد ۾ سرڪاري اگهن تي عمل نٿو ٿئي، قاسم آباد جي ڪنهن به يوٽيلٽي اسٽور تي کنڊ ۽ اٽو موجود ناهي غلام اصغر، نديم بلوچ، رياض حسين بهڻ، راجا حيدر ٿيٻو ۽ ٻين پڻ مهانگائي جي شڪايت ڪئي.