ڪورونا: اسڪولن بابت فيصلو صوبن جي مشاورت سان ڪيو ويندو: اين سي او سي

0
283
ڪورونا: اسڪولن بابت

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر 10 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسز وارن علائقن ۾ نيون ايس او پيز لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

وفاقي وزير اسد عمر ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ شرح، ويڪسينيشن ۽ عوامي هنڌن سميت تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا جي روڪٿام لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو، اين سي او سي ذريعن جو چوڻ آهي ته 10 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ ڪيسن وارن علائقن لاءِ نوان ايس او پيز لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نوان ايس او پيز صوبن سان مشاورت کانپوءِ فائنل ڪيا ويندا

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمارٽ لاڪ ڊائون يا اسڪول هڪ ڏينهن ۾ کولڻ جهڙا فيصلا صوبن جي مشاورت سان ڪيا ويندا، واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي شرح 10 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته وائرس جي شرح سڀ کان وڌيڪ ڪراچي ۾ آهي جيڪا 35 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي