پاڪ فوج جو منظم ۽ مضبوط ادارو ملڪي ادارن لاءِ مثالي آهي!
پاڪ فوج پاڪستان جو واحد ادارو آهي جنهن ۾ ڊسيپلين ۽ اعلى ڪارڪردگي جو معيار مثالي آهي، ان اداري جو پنهنجو احتسابي نظام آهي ۽ پوءِ ميرٽ ۽ قابليت ان اداري جي اولين ترجيح آهي، اهڙي ريت پاڪ فوج دنيا جي بهتري فورسز ۾ ڳڻجي ٿي. سويلين ادارا جي ان اداري جي ڊسيپلين ۽ ميرٽ جي پاليسي اپنائين ته پاڪستان هر سطح تي پنهنجو مقام بلند ڪري سگهي ٿو، ڪرپشن جو خاتمو، من پسند آفيسرن جي مقرريون ۽ خاص سياسي گروپن جي هڪ هٽي به ختم ٿي سگهي ٿي. وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ ميرٽ ۽ سخت احتسابي معاشري ۾ تبديلي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ماضيءَ ۾ پاڪستان ۾ چار ڀيرا مارشل لا جي دورن مان گذريو، آخر ايئن ڇو ٿيو؟ ان جا اصل سبب ٻيا هيا، ڪجھ سياسي اڳواڻن جي غلطين سبب بار بار مارشل لا لاڳو ٿي. انهن دورن جي تاريخ ۾ اڻ ڳڻيا لڪيل سوال آهن جيڪي اڃا تائين جواب طلب آهن، آخر جمهوري نظام بار بار ڇو ناڪام رهيو، سياستدان پنهنجن ذاتي مفادن جي جنگ ڇو وڙهيا. حالت اها آهي ته سمور ملڪ هاڻ ڪرپشن جو شڪار آهي، سڄو نظام درهم برهم آهي، قدرتي آفتن، قومي ترقياتي منصوبا ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر موقعي تي پاڪ فوج ئي قومي فرض ادا ڪيو. هڪ ڪيڊٽ جي حيثيت سان فوج ۾ شامل ٿيندا آهن. دنيا جي بهترين تعليمي، اخلاقي، نفسياتي ۽ جسماني تربيت ۾ ڪاميابي کان بعد انهن ڪيڊٽن کي يونٽن ۾ ڊيوٽي تي لڳايو ويندو آهي. موجوده حالات ۾ خاص بهتري اچي سگهي ٿي، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جنهن نظام تحت پاڪ فوج دنيا جي ڪامياب ترين ۽ ناقابل شڪست فوج بڻجي چڪي آهي ته اهڙو نظام اسان جي سول ادارن جو مقدر ڇو نه ٿو بدلائي سگهي؟
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
ڀتيون ته ڌمڪيون به نٿيون ڏئي سگهن!
اڪثر ڪري مون ٻارن کي ان ڀت هيٺان کيڏندي ڏٺو آهي، ڪجهه وقت اڳ اتي ڳوٺ جي سماجي اڳواڻ نوجوانن پنهنجي هٿن سان وڻڪاري به ڪئي هئي ۽ پنهنجي هٿن سان ان ڀتين کي رنگ به ڪيو هو پر انهن کي ان رنگين ۽ وڻن جي ڇانوَ ۾ بيٺل ڀت جو اندازو نه هو، ڇاڪاڻ اها ڀت ڊگھي عرصي کان پاڻ بيهاريو بيٺي هئي. ان ۾ ڪرپشن جون به ڪجهه ڪمزوريون سيمينٽ ۽ بجري به لڳل هئي پر اها پاڻ جهليو بيٺي هئي پر هيل جيڪي برساتون پيون انهن هن جو دم وڃي بچايو آهي. اها روڊ جي مين پاسي کان ڪري پئي هئي. سال گذري ويا آهن پر ڪا پرچار ئي ناهي ٿي، ان سان گڏ ٻئي پاسي واريون ڀتون به ڪمزور نظر اچي رهيون آهن. ٻار اڄ به ان ڀت جي ڇانوَ ۾ راند کيڏندا نظر ايندا آهن. انهن جي والدين کي اهو اُلڪو هوندو آهي ته ڪٿي اها ڀت اسان جي گلن جي مٿان نه ڪري پوي. ڪجھ سال پهرين اهڙو واقعو پيش به آيو هو ۽ اها ڀت زندگيون ڳڙڪائي وئي هئي. ها، اها ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جي پرائمري اسڪول جي ڀت آهي، جيڪا ڪافي عرصي کان ڪريل آهي ۽ ٻئي پاسي به ڪمزور آهي پر ان جي سار لهڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. ان ڳوٺ جي اسڪول جي ڀت آهي، جنهن ڳوٺ کي سياسي سپورٽ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو. قرباني ڏيڻ جي ڳالھ ٿيندي هئي ته اهو ڳوٺ سڀني کان اڳڀرو هوندو هو. اهو ڳوٺ اڃا به ضلعي جو وڏو ڳوٺ ۽ وڏي يوسي ڪوٺيو ويندو آهي.
نقاش علي/هالا
سڪرنڊ شھر ۾ انتظاميا مھانگائي جو نوٽيس وٺي!‎
سڪرنڊ ۾ مھانگائي عروج تي پھچي وئي آھي، دڪاندار ۽ سبزي فروشن پنھنجا ھٿرادو اگھ مقرر ڪري غريب ۽ اٻوجھ عوام کي ڦري رھيا آھن، دڪانن ۾ اگھ لڳل نه ھجڻ جي ڪري غريب عوام کي اگھ معلوم نه ھجڻ جي ڪري مھانگن اگھن ۾ سامان ۽ سبزيون وٺي رھيا آھن، 50 رپين واري شيءِ 100 رپيا ۾ 100 رپيا واري شيءِ 200 رپيا ۾، مرغي 400 کان 450 رپيا، مڇي 300 کان 400 ۾ وڪرو ٿي رھيا آھن، جڏھن ته کنڊ، چانور ۽ گيھ جا اگھ به چوٽ چڙھيل آھن. اسين ضلعي انتظاميا ۽ تعلقي انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي ھٿرادو مھانگائي ڪندڙ دڪاندارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
منظور علي زرداري/ڳوٺ گھنڊيا
خدارا ٻيلي شهر ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون نه لڳايو!
ٻيلو شهر جيڪو تمام وڏي آبادي وارو شهر ته ناهي پر ان کي به ٻيهر بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ياد رهي ته رمضان شريف ۾ هوٽلون، ڪئبينون ته پهرين ئي بند آهن. صرف 4 ڪلاڪ کن پورو شهر کلي ٿو سو به بند ڪرايو پيو وڃي. ريزڪي دڪانَ، ميڊيڪل اسٽورَ، سبزي جون پڙيون ته لاڪ ڊائون دوران ئي کليل هونديون آهن، باقي حجام جا دڪانَ، ايزي لوڊ جا دڪانَ، ٽائر پنگچر جا دڪانَ ۽ درزي جا دڪان به بند ڪرايا پيا وڃن. سڄو سال لاڪ ڊائون لڳڻ ڪري ماڻهو هن وقت تمام پريشانيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، مٿان وري ننڍن ننڍن انهن شهرن کي به بند ڪرايو پيو وڃي جتي ڪورونا وائرس جو هڪ به مريض ناهي. حڪومت کي گهرجي ته انهن ننڍن علائقن ۾ لاڪ ڊائون هرگز نه لڳايو وڃي جتي ڪورونا وائرس جا مريض بلڪل به ناهن. غريب ۽ مسڪين عوام کي به هن رمضان شريف جي ڀلاري ۾ مهيني ۾ سڪون سان گذر سفر ڪرڻ ڏنو وڃي. سنڌ سرڪار اهڙن فيصلن تي نظرثاني ڪري پنهنجا فيصلا واپس وٺي.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
ڳڙھي حسن ۽ ڀرپاسي ڳوٺن جي بجلي بحال ڪيو!
ڳڙھي حسن ۽ ڀرپاسي سوين ڳوٺ بجليءَ کان محروم بڻيل آھن، ڳوٺ هزار خان کوسو، ڳوٺ محمد يوسف کوسو، ڳوٺ ڪلر ڪوٽ، ڳوٺ بدلو کوسو، ڳوٺ عبدالقادر بروهي، ڳوٺ پارو کوسو، ڳوٺ محمد پناھ کوسو، ڳوٺ پيارو کوسو ۽ ڳوٺ نورخان کوسو سميت ڪيترائي ڳوٺ بجلي کان محروم آھن، هن ڀلاري مهيني رمضان شريف ۾ بجلي نه ھجڻ جي ڪري روزيدار تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هڪ ته گرمي گهڻي آھي ٻيو ته رمضان جي ڀلاري ۾ روزيدارن کي گرمي هجڻ جي تڪليف ٿي رهي آھي، ڳوٺاڻن وس وارن کان اپيل ڪئي آھي ته هن ڀلاري مهيني رمضان شريف ۾ بجلي بحال ڪري ڳوٺاڻن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
ايم صادق کوسو/ڳڙھي حسن
نوجوانن لاءِ اتساهيندڙ ڪتاب!
مون پنهنجي زندگي ۾ هي سياسي ادب سان لاڳاپيل چوٿون ڪتاب پڙهي مڪمل ڪيو آهي، اهو ڪتاب ڀارت جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مسندپور، ڀاٽ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ هڪ نوجوان ڪنھيا جي آتم ڪٿا آهي ۽ هن ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ ساقي راجپوت آهي. هن ڪتاب مان مون اهو سبق حاصل ڪيو آهي ته توهان ڪيترا به غريب هجو، وسيلا ڪيترا به گهٽ هجن، جيڪڏهن توهان محنت ۽ جهدوجهد ڪريو ٿا ته اها محنت ۽ جهدوجهد ڪڏهن به ناڪام ناهي ويندي. زندگي ۾ ڪامياب اهي ماڻهو ٿين ٿا، جيڪي ننڍپڻ ۾ تڪليفن ۽ مصيبتن کي منهن ڏئي اڳتي وڌن ٿا. هي نوجوان ڏاڍو محنتي ۽ هوشيار هو. ڪنهيا هر امتحانن ۾ سٺن مارڪن سان پاس ٿيندو هو. ڪنهيا ننڍپڻ ۾ ئي سوچيو هو ته هو هڪ سٺي عهدي تي پهچي سرڪاري نوڪري ڪندو ۽ پنهنجي گهر وارن کي غربت مان آجو ڪندو پر اڳتي هلي مختلف حالتون پيدا ٿيون. هن ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هو سياست ڪندس، شاگرد يونين جو صدر ٿيندس، غريب ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندس ۽ جيلن ۾ ويندس.آئون پنهنجي سڀني نوجوان شاگردن کي گذارش ڪندس ته جيڪي يونيوريسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا ته اهي ضرور هن ڪتاب جو مطالعو ڪن، ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب نوجوان شخص جي سياست به هڪ تعليمي اداري ۽ انهن جي مئسلن مان ٿئي ٿي. مون کي اهو ڪتاب پڙهي هڪ زبردست اتساھ ۽ حوصلو مليو. اميد ته نوجوان شاگرد اهو ڪتاب ضرور پڙهندا ۽ ان سان گڏ آئون سنڌ حڪومت کي گذارش ٿو ڪريان ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين تي پيل پابندي هٽائي يونين جو چونڊون ڪرايون وڃن جيئن سنڌ جي شاگردن کي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ صاف سٿري شاگرد سياست ڪرڻ جو موقعو ملي.
ڪرن مالهي/ ميرپورخاص
احساس ڪفالت ۽ ڪورونا!
تازو احساس ڪفالت پروگرام جي قسط جاري ٿيڻ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ احساس ڪفالت مرڪزن تي قسط جي وصولي لاءِ ماڻهن جا انبوھ نظر آيا، مسڪين ماروئڙن  کي لٽڻ لاءِ ايجنٽ پڻ سرگرم آهن، سڄي سنڌ جيان چمبڙ ۾ به صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي، قسط وٺڻ لاءِ مستحقن جي رش سبب ڪورونا جي پکڙجڻ جو وڏو امڪان آهي، ڪورونا جي احتياطي تدبيرن جي ڀڃڪڙي پئي ٿئي ۽ ڪنهن به قسم جي سماجي وٿي جو خيال ناھي، ماڻهن جي اڪثريت ماسڪ پائڻ کان به لنوائي پئي، ماروئڙن کي ايجنٽ مافيا ٻنهي ھٿن سان لٽين پئي پر انتظامـيا کي ڪو فڪر ناهي پر جڏھن اليڪشن جا ڏينهن ايندا آهن ته چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا سڀ انهن ئي مسڪين کان ووٽ وٺڻ لاءِ سجاگ ٿيندا آهن، تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي گھرجي ته ھن وقت جيئن سندن تذليل پئي ٿئي ۽ چونڊيل نمائندن کي سندن ڪو به الڪو ناهي ايئن اليڪشن دوران به عوام ھنن کي ووٽ ڏيڻ وقت سوچي سمجهي فيصلو ڪري، احساس ڪفالت مرڪزن تي مستحق عورتن جي تذليل پئي ٿئي، رقم مان ڪٽوتي سبب پوري رقم به نٿي ڏني وڃي، رمضان المبارڪ مھيني ۾ به احساس ڪفالت مرڪزن تي عوام کي سھولتون مھيا ناھن! ضلعي ٽنڊوالھيار جي انتظاميا سميت سرڪار کان مطالبو آهي ته خدارا! چمبڙ سميت ڀرپاسي ۾ موجود احساس ڪفالت مرڪزن تي عوام جي ايندڙ رش ۾ ماڻهن کي ماسڪ ۽ سينيٽائزر مھيا ڪري ڪورونا کان بچاءَ جي اپائن کي يقيني بڻايو وڃي.
آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ 
جيل جي ڊائريءَ جا ورق!
اڄ علي شير کوسو، امين کوسو ۽ خادم حسين شهاڻي اسان جي کوليءَ ۾ اسان جا مهمان آهن، علي شير مزمل قريشي سان هُن جا هٿ ۽ اکيون ٻڌي ڀوڳ ڪيو ته آئون اڄ توکي قتل ڪندس پر مزمل کي خبر هئي ته علي شير ڀوڳَ پيو ڪري، علي شير جي اڄ چيلهه ۾ به ڏاڍو سُور هو. ڇوڪرن هُن کي زيتون جي تيل سان مالش ڪئي. گل شير جوڙ جي کوليءَ مان ڇڪو راند اچي وئي، ڀائو خادم ۽ رشيد ڏيٿو ساٿي ٿيا ۽ آئون ۽ ڀائو امين، منهنجي کوليءَ جو اڄ سنگت جي ٽهڪن سان رنگ ئي مٽجي ويو. مانيءَ بعد ڪچهري جا مچ ٻري پيا. ڀائو امين سانگھڙ جون ڪجھه يادون تازا ڪيون. خادم نارا جيل جي بند وارڊ داستان کولي ويهي رهيو. مون کي به اهي ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن آئون به رمضانب چانڊئي عملدار ۽ مئي منگي عملدار جي نگرانيءَ ۾ نارا جيل جي بند وارڊ ۾ واڙيل هئاسين. جيل پوليس جي ڪجھه دلال قيدين جي به مون تي ڊيوٽي لڳل هئي. مون ان رات نديم ٻٻر (قيدي) کي هن وارڊ ۾ سرڪٽو آهي چئي ڏاڍو ڊيڄاريو هو. پوندا آهن ته ڪنهن دور ۾ تتر مگسي نالي قيدي جو نارا جيل ۾ قتل ٿيو هو ۽ ان جو جن يا روح بند وارڊ ۾ ايندڙ ماڻهن سان وڙهندو آهي. آئون ته اتي پورو هفتو بند رهيس، مون سان ته ڪو به جن ملڻ نه آيو، رات جو دير تائين آئون ۽ خادم ڪچهري ڪندا رهياسين. خادم چيو ته تون پنهنجي مامي سان راضي نامو ڪر. تنهنجي جيل کي نه پنهنجي گھر ڀاتين کي ضرورت آهي. مون هن کي چيو ته يقين رک هر اونداهي رات کان پوءِ چٽو ڏينهن ضرور ايندو آهي. خادم مرڪي مون کي جواب ڏنو ته هڪ شخص ٿڪجڻ لاءِ تيار ڪونهي، ٻئي طرف بيحس قانون ميرٽ ڏسڻ لاءِ تيار ڪونهي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (10 اپريل 2021)
ملاوٽي اٽو ۽ ڪٽوتي جو نوٽيس وٺڻ لاءِ اپيل!
ڪلوئي شهر ۾ فلور مل مالڪ سيٺ ڀورو مل لوهاڻو جنهن 2005ع کان 2019ع تائين ايراني ڪچو تيل وڏي اگھ ۾ وڪڻي کک مان ڪروڙ پتي بڻجي ويو، اهو پمپ بنا لائسنس جي هو جيڪو بعد ۾ نيب طرفان ڇاپو هڻي بند ڪيو ويو، هن وقت وين اسٽاپ جي ڀرسان وڏي فلور مل آهي، جنهن ۾ ڀوسي ۾ ڪاٺ جي ٻوري جي ملاوٽ، اٽي ۾ ميٺ جي ملاوٽ ۽ شاهين مل مان آندل ناقص قسم جو اٽو ملائي شهر ۽ ٻهراڙي جا غريب علائقي جا ماڻهو اهو اٽو وڏي اگھ ۾ خريد ڪن ٿا، ياد رهي ته جي ڪو ماڻهو هڪ مڻ ڪڻڪ پيسائڻ لاءِ ڏئي ٿو ته في مڻ تي ٽي ڪلو اٽو ڪٽوٽي ۽ ٻه سئو رپيا روڪ وٺي ٿو، جيڪو سراسر وڏو ظلم آهي، ڪلوئي شهر ۾ ٻيون به ٻه ٽي فلور ملز آهن، هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو اگھه مقرر ٿيل آهي، ڪيترن ئي غريب ماڻهن مٿي ڄاڻايل هن ظلم خلاف دانهون ڪيون آهن پر ڪو به کڙھ تيل نه نڪتو آهي، مل مالڪ پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. اسان هن چٺيءَ وسيلي ضلعي انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا هن اهم مسئلي جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي ۽ فلور مل قانون تحت هلائڻ لاءِ سيٺ صاحب کي پابند بڻايو وڃي.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
منھنجو ھڪ سچل!
سچل سرمست جيڪو ضلعي خيرپور جي صوفي شاعرن ۾ بيباڪ شاعر جي حيثيت سان مڃتا رکي ٿو، جيڪو اسان جي خيرپورميرس ۾ رھندڙ عوام لاءِ ھڪ اعزاز آھي، ھر سال رمضان جي 14ھين تاريخ تي سچل سرمست جي شھر درازان ۾ ميلو لڳندو آھي پر گذريل سال به ڪورونا جي ڪري صرف ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ۽ مشاعري وارو سيشن ختم ڪري سنڌ ۽ مقامي شاعرن کي محروم ڪيو ويو، ادبي ڪانفرنس ۾ پڻ پنھنجي نوازي جي بنياد تي ڪالم پڙھايا ويا ۽ حيرت جھڙي ڳالھ اھا آھي ته انھن سچل تي مقالا پڙھيا جن سچل بابت ڪنھن رسالي ۾ ڪو ھڪ مضمون به نه لکيو ھو. افسوس ھن ڀيري به ڪاميٽي جوڙي وئي آھي، ھن ڀيري به لڳي ٿو ته ساڳي ڪار متان ڪئي وڃي، ان جي لاءِ ثقافت کاتي جي وزير سردار شاھ کان اھا گذارش آھي ته پراڻي لسٽ موجب شاعرن ۽ اديبن کي ادبي پروگرام ۽ مشاعري جي ڪوٺ ڏني وڃي ۽ ڊي سي خيرپور کي اھا ئي التجا آھي ته ڌڙن ۾ ورھايل اديبن جي ھڪ ڌڙي جو مان نه رکيو وڃي پر سڀني کي برابري واري نگاھ سان ڏسي کين دعوت ناما اماڻيا وڃن.
ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس
قوم جي خاموشي سمھڻ نٿي ڏئي!‎
ڳالهائڻ سان سمجھ ۾ اضافو ٿيندو، خاموشي اھو مدرسو آھي جتي عظيم ذھن پيدا ٿيا، ھيل تائين اسان کي جيڪو نقصان پهتو آھي يقينن اھو خاموشي ڪري پهتو آهي، اسان پاڻ کي مظلوميت مان ناھيون ڪڍي سگھيا، ھڪڙو ننڍڙو مثال، جڏھن ڪو شاگرد ڪلاس ۾ خاموشي رھي ۽ ھو ذھني طور ھوشيار ھجي پر خوداعتمادي جي کوٽ سبب اھو هو سرٽيفڪيٽن جي مارڪن تائين محدود رھجي ويندو آهي سچ ته نه رڳو وطن سان پر پنھنجي پاڻ سان به زيادتي آھي. جيئن سائين جي ايم سيد چيو ته: ”ماڻھن کي گوڙ ۾ ننڍ ناھي ايندي پر مون کي قوم جي خاموشي سمھڻ نٿي ڏئي.“ سو سائينءَ جي ڏسيل راھ کي نظرانداز نه ڪيو. ھن وقت سنڌ کي شعور جي سخت ضرورت آ پر افسوس ته اسان جا سنڌي اھل نوجوان سنڌ سان وڏي حد تائين محبت به ڪن ٿا، ٻئي پاسي ھو مايوسيءَ به آھن، جيستائين خاموشي نه ٽوڙيندئو، تحرڪ نه وٺندا، خوداعتمادي پيدا نه ڪئي ڪجھ به نه ٿيندو، ڪا به خوشحالي، ڪو به انقلاب نه ايندو، اصل ڳالھ دل مان ڊپ ڪڍڻ ۽ خود اعتمادي جي آھي، بقول اياز جي: ”تون چئين نه ڪڇان، تون چئين نه لڇان پر، توکان ھڪڙي ڳالھ پڇان، تون ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندين؟، اعلان ھزارين مان نه روڳو .“
رياض امر ٻجورو/سجاول
سنڌ جي معصوميت جو هڪ ٻيو قتل!
هن ڌرتي جي انسانن ۾ انسانيت ته ڪڏهوڪي ختم ٿي وئي آھي، معصومن ڳلن جهڙن ٻارڙن سان روز روز ٿيندڙ واقعا ڏسڻ جي همت ئي نه رهي آھي، اهو قتل اهڙي معصوم صغير جو آھي جنهن جو ڪو به ڏوهه نه هو، هو ته پنهنجن خوابن جي تڪميل جو اڃا ڳولائو هو پر هن جي خواب کي چچري ڇڏيو ويو، انا کي پورو ڪرڻ لاءِ ھن معصوم کي به نه بخشيو ويو. سڪرنڊ جو هي معصوم سراج ملاح ھڪ ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، جنهن عمر فقط چند سال هئي، ڪالهه هن معصوم جو لاش گهر ٻاهران مليو، معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کي ڪڏهن سون جي والين تان قتل ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏهن حوس کي تسڪين ڏيڻ لاءِ، ته ڪڏهن چند پئسن عيوض معصوم سراج کي قتل ڪندڙ سڳيون پڦيون نڪتيون، جيڪي هن وقت لاڪپ ۾ آھن، تن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آھي، معصوم سراج جو ڏوهه اهو هو ته ناني پاران سراج کي گهڻو ڀائڻ پڦين جي اولاد کي گهٽ ڀائنڻ آھي، معصوم کي قتل ڪندڙ عورتن کي معصوم جي معصوميت تي ٿورو به رحم نه آيو، ٿورو به خدا جو خوف نه آيو، معصوم سراج دانهون ڪوڪون ڪري چيو ته هوندو ته پڦي منهنجو ڏوهه ڪهڙو آ، مون کي ڇڏيو مون تي رحم کائو!
راجا رجب علي/ نيوڇور 
معصوم سراج ملاح سان انصاف ڪيو!‎
جڏهن به انسانن مان انسانيت ختم ٿي آ تڏهن ڪنهن ٻئي مظلوم انسان جي جان ختم ٿي آهي، انسان انا ۾ اچي پنهجن جو ئي نقصان ڪن پيا، حسد هميشه ٻي جي پيار جو دشمن بڻيو آهي، چوڻي آهي ته ٻين لاءِ ڀلو سوچجي ته پنهجو ڀلو ٿئي. توهان جي دشمني هڪ اهڙي مصعوم ٻار سان ٿئي ٿي جيڪو بالغ به ناهي، جنهن کي پيار حسد جي ڪا خبر ئي ناهي. ڳالهه آهي ننڍڙي معصوم 4 سالن جي سراج ملاح جي، جيڪو پيار وٺڻ لاءِ ناني جي گهر ويندو هو، معصوم ٻار کي دنيا جو ڪير به پيار ڏيندو ته اهو ٻار ان جي پيار ۾ گرفتار ٿي ويندو، ڇو جو ان کي سڀ پنهنجا ئي لڳندا آهن، معصوم سراج کي ڪهڙي خبر ته مون کي پڦيون ئي مون کي گھٽو ڏئي منهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏينديون، جيڪي هن پهنجي زندگي جي شروعات ئي نه ڪئي هئي، اهو درد هر انسان سمجهي سگهي ٿو پر جنهن جي اولاد 4 سالن جو هوندو ان جي دل جي دنيا ئي اجڙي وئي، هڪ ماءُ جي هنج خالي ڪئي وئي، هڪ پيءُ جي خوابن کي ڀوراڀورا ڪيو ويو، پڦيون ته هميشه ڀائيٽين تان سِرُ گھورينديون آهن ته پوءَ هي ڪهڙيون پڦيون هيون؟ لڳي ٿو اهي ٻچڙيوال نه هيون، جو معصوم جي زندڳي کي ختم ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪيائون، ٻن ڏينهن تائين معصوم رنو هوندو، تڙپيو هوندو پر هنن کي ڪو احساس ئي نه آيو، خدارا هنن عورتن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي يا ته پنهنجن ٻچڙن کان ڌار ڪيو وڃي ته جيئن سندن ممتا به تڙپي.
سجاد جوڻيجو/سيهڙ اسٽيشن، ڏوڪري
ڪراچيءَ ۾ افغانين جي سنڌين جي گھرن تي حملن جو نوٽيس وٺو!
سنڌ جي راجڌاني واري شھر ڪراچي ۾ سنڌين سان ناانصافيون وڌنديون پيو وڃن، ھر آئي ڏينھن ڪراچي جي ڪنھن نه ڪنھن سنڌي کي ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سنڌين جي وھندڙ رت جون تصويرون توڙي وڊيوز سوشل ميڊيا تي نظر اچن ٿيون، ڪراچي جي سمورن علائقن ۾ سنڌين مٿان مار ڌاڙ جاري آھي، جيڪا ھڪ سوچيل سمجيل سازش سمجھون ٿا. ٻاھران آيل لوڌون ڌرتي ڌڻين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي، تازوئي ڪراچي جي بلاول ڪالونيءَ واري علائقي ۾ ڌرتي ڌڻين مٿان سوين افغاني پٺاڻن بلاجواز حملا ڪري ڪيترن ئي سنڌين کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ سندن گھرن اندر داخل ٿي عورتن توڙي معصوم ٻاڙن تي تشدد ڪيو، جيڪو سخت مذمت جوڳو عمل آھي، جيڪا ڪراچي اندر لسانيت ڦھلائي پئي وڃي، ھي افغاني سنڌين جو رت وھائي سنڌين کي ڪھڙو پيغام پيا ڏين؟ ڌرتي ڌڻين تي روز ظلم ستم جا واقعا جاري آھن پر پوليس انھن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ڪراچي ۾ سنڌين تي اھڙا تشدد جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن، ٻاھران آيل لوڌن کي آخر ڪير سپورٽ ٿو ڪري جو ھي افغاني، برمي، بنگالي کي ڪراچي ڊوميسائل ٺاھي ڏنا پيا وڃن، جيڪا ھڪ سوچيل سمجيل سازش سمجھون ٿا. سنڌين کي اقليت به تبديل ڪرڻ سمجھون ٿا، سنڌين  کي ڪراچي ۾ تنگ ڪيو پيو وڃي جيئن ھو ڪراچي ڇڏي وڃن، ڪراچي پوليس به انھن نام نھاد گنڊن جي ساٿاري آھي. اسان آءِ جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته ڪراچي جي بلاول ڪالوني واري علائقي ۾ سنڌين مٿان ٿيل حملي جو نوٽيس وٺي ڪراچي ۾ سنڌين کي تحفظ ڏنو وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور