سمارٽ فون خريد ڪندڙن لاءِ وڏي خوشخبري

0
792
سمارٽ فون خريد ڪندڙن لاءِ وڏي خوشخبري
سمارٽ فون خريد ڪندڙن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد: انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف چيو آهي ته جلد ئي آسان قسطن تي سمارٽ فونز عوام کي فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو

اعليٰ سطحي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي داڪٽر عمر سيف چيو ته سمارٽ فونز قسطن تي ڏيڻ لاءِ سيلولر آپريٽرز، بينڪس، سيڙپڪار ڪمپنيون دلچسپي رکن ٿيون

هن چيو ته حڪومت اهڙو ميڪنزم جوڙي رهي آهي جنهن تحت اُنهن آرگنائزيشنز کي نقصان نه ٿئي ۽ عوام به سولائي سان فائدو وٺي سگهي

هن چيو ته جلد عوام کي سمارٽ فونز قسطن تي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن سان هڪ عام شهري به سٺو فون رکي سگهندو