پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به ليول پليئنگ ناهي ملي: بلاول ڀٽو زرداري

0
105
پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به
پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به ليول پليئنگ ناهي ملي سگهي، تنهنڪري پيپلز پارٽي اميد به ناهي،  عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي

بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، صحافين سوال ڪيو ته بلاول صاحب! اوهان کي ڪهڙي بنياد تي اِها ڳالهه ڪئي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جو اعلان ڪري نه ته ڪنهن ٻئي هٿان اعلان ٿي ويندو

اهڙي سوال تي بلاول تبصرو ڪيو ته اِهو اندازو هو ۽ اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪرڻ هو ته ادارو پنهنجي ذميواري پوري ڪري

صحافي سوال ڪيو ته مولانا فضل الرحمان چئي رهيو آهي ته چونڊون ٿينديون نظر نٿيون اچن؟ بلاول جواب ڏنو ته اِهو سوال اوهان مولانا فضل الرحمان کان پُڇي سگهو ٿا

صحافي سوال ڪيو ته اوهان ليول پليئنگ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ڇا تحريڪ انصاف کي به اِها سهولت نه ملڻ گهرجي؟ جنهن تي بلاول چيو ته اصولي طور تي سڀني کي ليول پليئنگ ملڻ گهرجي

پي ٽي آءِ سان اتحاد بابت سوال تي بلاول چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف سان اتحاد جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو، ميثاق جمهوريت تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي

افغانين خلاف پيپلز پارٽي جي پاليسي بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪابه سياسي پارٽي غير قانوني ڪم جي حمايت نٿي ڪري سگهي

بلاول چيو ته انساني حقن جي حوالي سان پيپلز پارٽي جو سخت موقف رهيو آهي، قانون تي عملدرآمد ڀلي ٿئي پر انساني حقن جو خيال رکيو وڃي

ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ نمائش چورنگي ويجهو پ پ اڳواڻ سهيل  انصاري جي گهر پهتو،  بلاول اڳوڻي چيئرمين واٽر بورڊ سهيل انصاري جي لاڏاڻي تي سندس ٽن  نياڻين سان تعزيت ڪئي

بلاول چيو ته سهيل انصاري آمراڻي دور جون سختيون برداشت ڪيون پر ڀٽو ازم جو پرچم  سنڀالي رکيو، بلاول ڀٽو زرداري  جي سهيل انصاري جي گهر آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا