اشو آف دي ڊي سڪرنڊ ۾ معصوم نينگر پڦين هٿان قتل: سوشل ميڊيا تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار

0
380

سڪرنڊ ۾ پڦين هٿان معصوم ڀائيٽو قتل ٿيڻ واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ڪامريڊ امير جان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڪرنڊ ۾ چئن سالن جو سراج احمد ملاح جيڪو گم ڄاڻايو ويو هو ان جو لاش سندس گھر وٽ نامعلوم ماڻھو ڇڏي فرار ٿي ويا، اهڙي پوسٽ تي احمد علي، شرف الدين اسراڻ، زوار ثناءُالله، شاهه رخ مهر، الطاف حسين، عبدالغني کوسو ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. مظفر بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا واقعي اسان وحشي ٿي ويا آھيون، ڪالهه سڪرنڊ شهر جي ملاح پاڙي مان 4 ورهين جو سراج احمد ملاح گم ٿي ويو هو جنهن جي ڳولا بعد گهٽا ڏنل لاش هٿ ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم دوران فنگرز جي نشانن جي اسڪريننگ ڪرائي وئي ته قاتل سندس ئي گهر جا ڀاتي نڪري پيا، جنهن بعد پوليس مقتول ٻارڙي جي ٻن پڦين شُمائلا ۽ عزيزان ملاح کي گرفتار ڪري ٻنهي عورتن کان آڏي پڇا ڳاڇا ڪئي ته هُنن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، هنن قتل جو اعتراف ڪندي چيو ته سراج جو نانو اسان جي ٻارڙن سان پيار ڪرڻ بدران سراج سان وڌيڪ پيار ڪندو هو، جيڪا ڳالهه اسان کي نه وڻندي هئي، انڪري اسان ڪاوڙ ۾ ٻارڙي کي گهٽا ڏنا ته هو مري پيو، جنهن بعد اسان ڏوھه لڪائڻ لاءِ ٻارڙي کي ڪپڙي ۾ ويڙھي ڍير تي اڇلائي آيونسين، واقعي تي پڇتاءُ آھي،دائم درسائي ٻرڙو لکيو ته چئن سالن جي ڀائٽي معصوم سراج ملاح جو ساھ گُھٽي ماريندڙ سندس پُڦيون شُمائلا ۽ عزيزان ملاح تي ڪيس داخل ڪيو ويو، هنن ڏُوھ جو اعتراف ڪندي چيو ته سراج جو نانو سراج کي وڌيڪ پيار ڏيندو هو ۽ اسان جي ٻارن کي گھٽ محبت ڏيندو هو تڏھن سراج کي ماريو آھي.اهڙي پوسٽ تي شهباز ٻرڙو، امان الله جروار، مشتاق ميتلو ۽ ٻين ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ظفر عزيز ميتلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڪرنڊ ملاح محلي وارو واقعو، هر روز سنڌ اندر نوان مسئلا ٿين ٿا، ڪڏهن سراج جي صورت ۾ ڪڏهن احساس ڪفالت پئسن تي آڱريون ڪٽجڻ ته ڪڏهن پنجاھه سئو پوليس کي نه ڏيڻ جي الزام هيٺ مزدور جو چيڀاٽجي مرڻ ته ڪڏهن ٻن هزارن جي ڪري خانزاده نوجوان جو لاڪپ ۾ ٽنگيل لاش ملڻ جهڙا واقعا ٿين ٿا مطلب ته اسان پنهنجن ئي مسئلن مان جان نٿا ڇڏائي سگهون؟ رت جي رشتن هميشه لاءِ ماءُ پيءُ کان جگر جو ٽڪرو کسي ورتو. سراج ملاح جون قاتل سندس پُڦيون نڪتيون، محصوم سراج کي ڪجھه گهڙيون گم ڪيو ويو هيو جنهن بعد بيدردي سان ماري سندس ئي در اڳيان لاش اڇلايو ويو.