نيٺ ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي

0
306

ڪمزور ڊوميسائل وارو محاورو هاڻي ته آسانيءَ سان سمجهي وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي جو اهم اڳواڻ سيد خورشيد شاھه ٻن سالن کان جيل ۾ بند آهي پر ن ليگ جي اڳواڻ شهباز شريف لاءِ ٻن مهينن اندر جيل جا در کلي ويا آهن ۽ کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو اجازت نامو به ملي چڪو آهي.
ڳالهه هلي پئي مريم نواز صاحبه جي ان بيانيي جي جنهن ۾ مريم نواز شريف 25 اپريل 2021ع تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان چاهيان ٿي ته حڪومت پنجن سالن وارو پنهنجو مدو پورو ڪري. مريم نواز جو اهو بيان آئون سمجهان ٿو ته گذريل ٽن سالن جو سڀ کان وڏو وڏو يوٽرن آهي، ڇاڪاڻ ته ن ليگ قيادت ته هن حڪومت کي هڪ ڏينهن به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئي پر سندن پاران هن حڪومت کي پنجن سالن جو پئڪيج ڏيڻ واري اعلان سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو پر منهنجا پراڻا مضمون پڙهندڙ ان ڳالھه جي شاهدي ڏيندا ته آئون اڳواٽ ئي ان قسم جي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهيان. اوهان رڳو منهنجي گذريل چئن ڪالمن جو جائزو وٺندا جيڪي مون پي ڊي ايم تي لکيا آهن ته اوهان کي ان جي نتيجي ۾ اهو محسوس ٿيندو ته حڪومتي مدو وڌائڻ وارو 25 اپريل تي ڏنل مريم نواز جو بيانيو ڪو عام بيان نه پر اڳواٽ رٿيل منصوبي جو حصو هو. منهنجو واضح موقف رهيو آهي ته ن ليگ، جمعيت علماءِ اسلام ۽ پ پ ۾ وڏو اندروني تضاد رهيو آهي، ن ليگ کي پي ڊي ايم تي قبضي کان پوءِ ان کي ختم ڪرڻ جو اڳواٽ ۽ حڪومتي اشاري تي ٺهيل منصوبي تي عمل ڪرڻو هو جيڪو هاڻ اوهان جي سامهون آهي. مون اڳ ۾ به واضح لکيو هو ته ن ليگ ۽ مولانا وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجھه ڪونه هو، البته پ پ تي فقط ان ڪري استعيفائن لاءِ دٻاءُ وڌو پئي ويو جو هن وٽ سنڌ حڪومت هجڻ سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ به سيٽون هيون، باوجود ان جي ته پ پ ۾ پڻ ڪيتريون ئي خاميون آهن پر اليڪشني سياست ۾ پ پ هن وقت به سنڌ جي مقبول ترين پارٽي آهي.
ن ليگ ۽ مولانا کي پ پ جي اها مقبوليت ڪنهن به ريت هضم نه پئي ٿي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آئي به ساڳي سوچ جي مالڪ هئي ان ڪري لڳي ايئن رهيو هو ته سندن ڏوريون ساڳئي هڪ ئي هٿ ۾ آهن، ٻئي طرف وري پ پ جي قيادت مان مخالفن کي اهو خدشو به آهي ته جئين 1997 ع ۾ پنجاب مان پ پ کي هڪ سيٽ به نه ملي هئي اهڙي طرح وري پ پ پنجاب مان چڱي تعداد مان سيٽون حاصل ڪري 2008ع ۾ وفاقي حڪومت ٺاهي ورتي هئي سو 2023ع جي اليڪشن ۾ اها تاريخ وري به دهرائي سگهجي ٿي، انڪري پي ڊي ايم وٽ سواءِ پ پ جي وڃائڻ کان ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو. ياد رهي ته پي ڊي ايم جي ٻين پارٽن جو خيال هو ته استعيفائن جي نتيجي ۾ اقتدار کان پري رهي پ پ هميشه لاءِ ڪمزور ٿي ويندي. ان سڄي مامري کان پوءِ لڳي ايئن رهيو آهي ته اصل ڊرامي جو هدايتڪار اداڪارن کان اهو ڊرامو انڪري پيو ڪرائڻ چاهي ته جيئن استعيفائن جي صورت ۾ ننڍيون چونڊون ڪرائي اسيمبلي مان 18 هين ترميم جو خاتمو ڪري صوبن کي مليل انڌي منڊي خودمختياري کي به ختم ڪري سگهجي.
پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ايڏي وڏي جدوجهد هلائڻ دوران هر جلسي ۾ ن ليگ جي مريم نواز جا اهي لفظ هر ڪنهن جي ڪنن تي پيا گونجندا رهيا ته، موجوده حڪومت ووٽ چوري ڪري آئي آهي، حڪومت ايمپائر جي اشاري تي آهي، حڪومت ڌانڌلي ڪري آئي آهي، ووٽ کي عزت ڏيو ۽ عمران جي حڪومت هڪ ڏينهن به برداشت ڪونه ڪنداسين وغيره پر ان دوران ڪنهن کي به اهو اندازو نه هو ته عمران خان جي حڪومت کي پنجن سالن جو مدو پورو ڪرڻ واري بيان جي صورت ۾ ن ليگ عمران خان کي ايڏو وڏو اين آر او ڏيندي.
سبب ڪهڙا به هجن ليڪن جڏهن هو پ پ کان استعيفائون وٺڻ ۾ ناڪام ويا ۽ کين 18 ترميم جو خاتمو نظر نه آيو ته نيٺ ٻلي ٿهيلي مان ٻاهر اچي ميائون ميائون ڪرڻ لڳي، ٻلي جي اهڙي ميائون ميائون جو مطلب ان بيان مان آساني سان سمجهي سگهجي ٿو جنهن ۾ چيو ويو ته “هم حڪومت ڪو 5 سال ڪي مدت پوري ڪرني دينا چاهتي هين، ڪيون ڪي هم حڪومت ڪو سياسي شهيد نهين بنني دينگي”
ڪٿي جي ڳالهه ڪٿي ختم ٿي! ڇا حڪومت کي ن ليگ پاران 5 سال پورا ڪري ڏيڻ واري اين آر او کان پوءِ حڪومت پاران ن ليگ کي اين آر او ڪونه مليو آهي؟
ڪورٽ سڳوري نيب سڳوري کي حڪم ڏنو آھي ته مريم نواز صاحبه کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان 10 ڏينهن اڳ عدالت کي آگاھه ڪيو وڃي ان کان علاوه شهباز شريف کي پڻ اوچتو ئي اوچتو لنڊن ۾ علاج جي نالي تي آزاد ڪيو ويو آهي. هڪ ٻئي کي ڏنل اڻ اعلانيل اين آر او کي سمجهڻ لاءِ ان سوال تي به سوچڻ گهرجي ته ڇا هيل تائين حمزه شهباز ۽ شهباز شريف ڪابه اهڙي سرگرمي ڪئي آهي جيڪا حڪومت جي خلاف هجي؟ ڇا اهو سڀ ڪجھه ان ساڳئي امپائر جي اشاري تي ته ڪونه ٿي رهيو آهي جنهن جو عمران جي حڪومت کي به آشيرواد مليل آهي؟ هن سموري احوال ڪرڻ کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته مريم نواز پنهنجي چاچي کي جيل مان ڪڍرائڻ ۽ سندس والد جون ضبط ڪيل ملڪيتون واپس ڪرائڻ جي عيوض موجوده حڪومت کي پنجن سالن جي مدي پوري ڪرڻ جو اين آر او ڏئي سمورن سياسي پنڊتن ۽ سياسي تجزئي نگارن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ جي اهڙي عمل تي سنڌ جون اهي پ پ مخالف پارٽيون ۽ قومپرست گروپ پڻ پريشان آهن جن پي ڊي ايم جي ٽٽڻ وقت پ پ تي اتحاد ۾ ڏار وجهڻ ۽ دوکو ڏيڻ جا الزام مڙهيا هئا پر پي ڊي ايم جي پٺيءَ ۾ پ پ پاران ڇرو هڻڻ جون ڳالهيون ڪندڙ مريم نواز پاران پوري پاڪستان جي عوام جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ واري بيانيي تي ڇا چوندا؟
2013ع جي اليڪشن ۾ نواز شريف خاص طرح سنڌ ۾ سنڌ جي قومپرست پارٽين سان ملڻ ۽ کين پ پ مخالف هلچل هلائڻ لاءِ آماده ڪرڻ آيو هو، ان وقت اسان جي قومپرست ليڊرن جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هئي جو نواز شريف انهن وٽ هلي آيو ته همراھه آسمان تي اڏامڻ لڳا هئا، ان وقت ٺٽي ۾ هڪ قوم پرست پارٽي سان اليڪشني معاهدي ۽ سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قومپرستن سا ٿيل لکت ۾ معاهدو ڪيو ويو.
نواز شريف ته ان اليڪشن ۾ ملڪ جو وزيراعظم ٿي ويو پر پوءِ ميان صاحب وري ڪڏهن ڀلجي به سنڌ جي ڪنهن قومپرست کي وزيراعظم هائوس ۾ چانھه تي به ياد نه ڪيو، ان ڪري اسان جي قومي اڳواڻن کي اڳتي لاءِ پرائي شادي ۾ عبدالله ديواني وارو ڪردار ادا ڪرڻ کان اڳ سئو دفعا سوچڻ گهرجي.
هن وقت جڏهن ن ليگ جي صدر شهباز شريف کي فقط هڪ ڏينهن جي ٻڌڻي دوران عدالت سڳوري پاڪستان جي تاريخ جو اهم فيصلو ڪندي نيب کي ٻڌڻ کان سواءِ ئي علاج جي بهاني ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي تڏهن اهي انومان آهن ته هاڻ هو ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجي ڀاءَ کي سمجهائيندو ۽ کيس ان ڳالھه لاءِ آماده ڪندو جنهن لاءِ کيس اها آزادي ڏني وئي آهي!
شهباز شريف اهڙن معاملن ۾ مهارت رکڻ طور به مشهور آهي ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ ۾ هو مريم نواز کي به اهڙي سمجهوتي تحت جيل مان آزاد ڪرائي چڪو آهي.
سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته هن وقت ن ليگ لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پ پ جي کٽيل اليڪشن اين اي 249 وڃي بچيو آهي جنهن جي خلاف مريم نواز صاحبه اهڙي مهم هلائي رهي آهي جهڙي هن عمران سرڪار خلاف به نه هلائي آهي. پ پ پاران کٽيل سيٽ واري معاملي تي هن وقت ن ليگ، پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي به هڪ ٿي ويون آهن.
ان ئي اليڪشن ۾ مريم نواز پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اي اين پي کي خاقان عباسي هٿان شوڪاز نوٽيس ڏياريو ليڪن ساڳئي وقت وري ڪراچي جي اليڪشن ۾ ساڻن اتحاد به ڪيو. اهڙي صورتحال کان پوءِ ڳالھه پڌري پٽ پئي آهي ته پي ڊي ايم جي جدوجهد کي ڪنهن ختم ڪيو؟
پي ڊي ايم کي ختم ڪرائڻ جي بدلي ۾ انعام طور هنن لاءِ ڪورٽن ۾ آساني پيدا ڪئي وئي، جنهن ڪري سندن ضمانتون ٿيڻ لڳيون ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ راهون هموار ٿيون. ان کان علاوه ڪراچي جي ننڍي اليڪشن ۾ ري ڪائونٽنگ واري فرمائش پوري ٿيڻ کان وٺي مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪورٽ کي اڳواٽ اطلاع وارو انوکو فيصلو ٻڌائي ٿو ته ڳجھه ڳوھه ۾ ڪيل سمورا فيصلا ٿيلهي مان ٻلي جي ٻاهر اچڻ جيان عوام آڏو پڌرا ٿي پيا آهن.