نيها سڪسينا پاران ”ريپ“ جي ڌمڪين جو انڪشاف

0
229
نيها سڪسينا پاران ”ريپ“ جي ڌمڪين جو انڪشاف
نيها سڪسينا پاران ”ريپ“ جي ڌمڪين جو انڪشاف

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا نيها سڪسينا فلم جي شوٽنگ دوران نا مناسب منظر کان انڪار ڪرڻ تي فلم ساز طرفان ”ريپ، تشدد ۽ قتل“ جي مبينا ڌمڪين جي پوليس وٽ درخواست داخل ڪرائي آهي..ڀارتي ميڊيا موجب نيها سڪسينا بنگلور پوليس وٽ داخل ڪيل درخواست ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته کيس تامل ٻولي جي فلم جي شوٽنگ دوران بدترين تشدد، ريپ ۽ قتل جون ڌمڪيون مليون هيون.

نيها سڪسينا چيو ته شوٽنگ دوران ڪجهه نامناسب منظر شوٽ ڪرڻ جو چيو ويو، جنهن تي هن انڪار ڪيو ته هدايتڪار ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته فلم جو پروڊيوسر ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي، وٽس هڪ تشدد گاهه آهي، جتي اداڪارا کي قيد ڪري مٿس بدترين تشدد ڪري ان جو ريپ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ان کي قتل به ڪري سگهجي ٿو.اداڪارا دعويٰ ڪئي ته مونکي ڌمڪيون ڏئي زوري ڪم ڪرايو ويو ۽ شوٽنگ دوران منهنجي هوٽل تي اچي به مونکي ڌمڪيون ڏنيون ويون.

سندس چوڻ هو ته جنهن هوٽل ۾ رهايو ويو هو ان جي مالڪ نياپو موڪلرايو ته ساڻس ۽ سندس ٻين دوستن سان وقت گذاريان ته سُٺو معاوضو ملي سگهي ٿو.نيها سڪسينا پوليس کي ڪجهه ڳجهي ڪيميرائن ذريعي ٿيل رڪارڊنگ به فراهم ڪئي.