حيدرآباد ريجن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 ڄڻن جَي فوت ٿيڻ جِي ذميوار حيسڪو قرار

0
230
فوت ٿيڻ جِي ذميوار حيسڪو قرار
حيدرآباد ريجن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 ڄڻن جَي فوت ٿيڻ جِي ذميوار حيسڪو قرار

حيدرآباد ريجن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 ڄڻن جَي فوت ٿيڻ جِي ذميوار حيسڪو قرار، نَيپرا حيسڪو تي 3 ڪروڙ 10 لک رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو،

نيپرا جو چوڻ آهي ته جولاءِ 2019ع کان آڪٽوبر 2020ع تائين ڪرنٽ جَي واقعن ۾ 15 ڄڻا فوت ٿيا، جِن مان 12 ڄڻن جَي فوت ٿيڻ جِي ذميوار حيسڪو آهي،

فوتين ۾ 5 حيسڪو ملازم ۽ 7 عام شهري شامل، واقعن تي حيسڪو کي شوڪاز نوٽيسز جاري ٿيا ۽ جواب جو موقعو ڏنو ويو، پر حيسڪو پنهنجون قانوني ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام رهِي،

حيسڪو کي فوتين جَي پونيئرن کي 35-35 لک رپيا معاوضو ڏيڻ ۽ ادائگي جَي تفصيلن بابت نيپرا کي آگاهه ڪرڻ جِي هدايت.