ٽڪ ٽاڪ اسٽار عائشه خان سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرم

0
1179
ٽڪ ٽاڪ اسٽار عائشه خان سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرم
ٽڪ ٽاڪ اسٽار عائشه خان سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرم

ڪراچي(شوبز ) مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ اسٽار عائشه خان ٽڪ ٽاڪ ذريعي سنڌي ثقافت کي  هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي، عائشه خان پهرين سنڌي  ٽڪ ٽاڪر آهي جنهن ڪراچي ۾ پهرين عورتن جي  ثقافتي ريلي ڪڍي، عائشه خان جو چوڻ آهي ته سندس ٺاهيل ويڊيوز نه رڳو سٺيون هونديون آهن پر اهي سماجي اخلاقيات جي دائري جي اندر هونديون آهن،

هن وقت سندس فالورز جو تعداد 11 لکن کان وڌيڪ آهي. عائشه خان ٽڪ ٽاڪ سان گڏوگڏ پنهنجي تعليم به جاري رکيو پئي اچي، هن جو چوڻ  آهي ته اهو سندس خواب آهي ته هو اڳتي هلي سياست ۾ حصو وٺي، هن چيو ته سماجي قدرن تي ٻڌل سندس ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز کي مداح ڀرپور موٽ ڏئي رهيا آهن،

هن چيو ته مان ڪوشش ڪندس ته پنهنجي مداحن جو تعداد اڃان وڌائي سگهان ۽ پنهنجي ٽڪ ٽاڪ ويڊيوز ذريعي سماجي مسئلن کي عوام آڏو آڻي سگهان.