نواب ولي محمد ۾ پيءُ ۽ پٽ جي گرفتاريءَ خلاف وارثن جو احتجاج

0
202

نواب ولي محمد (رپورٽر) نواب ولي محمد ۾ بچل پور پوليس پاران ڳوٺ ڍولڻ ملاح جي رهواسي پيءُ پٽ بادل ملاح ۽ پير بخش ملاح کي گرفتار ڪرڻ خلاف وارث عورتن زيبل ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته بچل پور پوليس بنا جواز اسان جي مردن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، جيڪا ناانصافي آهي، کين آزاد ڪيو وڃي، رابطو ڪرڻ تي بچل پور ٿاڻي جي ايس ايڇ او امين نظاماڻي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل ماڻهن جو الهڏنو ملاح واري ڌر سان زمين تان تڪرار هلندڙ آهي، ڪورٽ جي حڪم تي ايف آئي آر داخل ڪري گرفتار ڪيو آهي، بنا جواز گرفتاري ناهي ڪئي.