قاضي احمد واسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، وارثن کان 50لک ڀنگ طلب

0
275

قاضي احمد ( رپورٽر) عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل قاضي احمد واسي نوجوان راشد سيال کي پوليس 13ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي، نوجوان جي امڙ معصوم ٻارڙن سان گڏ ڪلام پاڪ کڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته ڌاڙيلن پاران گذريل فون ڪري واثن کان 50 لک رپيا ڀنگُ طلب ڪري ورتو، ڌاڙيلن ڀنگُ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آھي، وارثن موجب، نوجوان جي بازيابي لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پٽ کي ڌاڙيلن جي چنڀي مان بازياب ڪرايو وڃي.