لاڙڪاڻي ڀرسان نينگر جو گهر ٻاهران تشدد ٿيل لاش هٿ

0
504

لاڙڪاڻو (رپورٽر) پير شيرٿاڻي جي حد ڳوٺ حمزو جتوئي واسي 10 ورهين جي عامر پٽ محمد نواز جتوئي جو گهر ٻاهران تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، وارثن لاش چانڊڪا اسپتال پهچايو، ان موقعي تي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته گھر ٻاهران لاش هٿ آيو، نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.