ننگرپارڪر  (ن پ ا) ننگرپارڪر ۾ ھاڪڙو ادبي فورم پاران 20 کان 21 آگسٽ تائين اعلانيل سانوڻ ميلي تي اعتراض واريندي شيعا برادري جي ماڻهن  مولوي ابراھيم قمي، مولوي علي بخش کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جمعي نماز بعد احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، مظاهري ۾ سول سوسائٽي، ھندو ڪميونٽي جي ماڻھن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھاڪڙو ادبي فورم 20 کان 21 آگسٽ تي ننگر پارڪر شھر ۾ ميلو لڳائي رھيو آهي، انهن تاريخن ۾ عزاداري جا ڏھاڙا آهن، ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي، جنھن سان محرم جو احترام برقرار نه رهندو، هنن چيو ته ميلو محرم کان بعد ڪنھن به تاريخ تي لڳايو وڃي، اسان کي ڪو به اعتراض نه ھوندو، هنن مطالبو ڪيو ته ميلو ملتوي ڪري ٻئي ڪنھن مھيني ۾ رکيو وڃي،