شھدادڪوٽ ( رپورٽ ايم اسحاق بوزدار )برساتي پاڻي بلوچستان ۾ تباهي مچائڻ بعد قمبرشھدادڪوٽ ضلعي جي جاگير ۽ جابلو پٽي جي علائقن جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو  آهي.فقير محمد کوسو، علي رضا چانڊيو، ڏتل جت، نياز علي چانڊيو، مري جا قبا، زر ٻرڙو جي ڳوٺن جو شھرن ڏانهن زميني رستو بند ٿيڻ بعد ڳوٺاڻان جبلن تي چڙهي پنهنجيون زندگيون بچائي ورتيون آهن. جڏهن متاثر ڳوٺاڻن جو اناج ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙھي ويو آهي، ڳوٺاڻن جي کائڻ پيئڻ لاءِ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.چونڊيل نمائندا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٻوڏ متاثرن وٽ پھچي ناهن سگهيا، نه ئي کاڌ خوراڪ ۽ راشن پھچائڻ جوڪو بندوبست ڪيو ويو آهي.آبپاشي کاتي طرفان بندن جي نگراني لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ تي پ پ ايم اين اي عامر مگسي، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، پ پ ايم پي اي نادر مگسي، ڪمشنر لاڙڪاڻو گنھور لغاري ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ جاويد نبي کوسو ايف پي بچاءَ بند جي ڪئمپ تي پھچي ميڊيا اڳيان فوٽو سيشن ڪرائي واپس ھليا ويا.ٻوڏ متاثرن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير عليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت ٻين اعليٰ ادارن کان مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. هوڏانهن ضلعي انتظاميا پاران ٻوڏ متاثرن کي پڪي تي ڪڍڻ لاءِ مهيا ڪيل ٻيڙي خراب نڪتي