حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪاڇي ۽ ڪوهستان سميت  سڄي سنڌ ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي، حڪومت متاثرن کي لاوارث ڇڏڻ بدران نقصان جو ازالو ڪري، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته آبادگارن جي فصلن کي نقصان ٿيو آھي جڏهن ته اڪثر هنڌن تي شهرين جا گھر ڪري پيا آھن. ڪرنٽ لڳڻ، ديوارون ڪرڻ ۽ ٻين حادثن ۾ ڪيتيرائي ماڻهو به فوت ٿيا آھن، ان لاءِ متاثرن کي معاوضو ڏيڻ سان گڏ سڄي سنڌ کي آفٽ سٽيل قرار ڏئي ڍل، آبيانو ۽ بجلي جا بل معاف ڪيا وڃن.