نصيرواهه ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو 9 ڏينهن گذرڻ باوجود لاش نه مليو

0
224

ٽنڊوالهيار: نصير واھ ۾ ٻڏي ويل نوجوان علي شاھ جو 9 ڏينهن گذرڻ جي باوجود لاش هٿ نه اچي سگهيو، وارثن موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان جو نوجوان پاڻي ۾ نه آهي، اهو مامرو ٻيو ڪجھه آهي، اسان کي اسان جو نوجوان هٿ ڪري ڏنو وڃي. دوستن سان گڏ نصير واھ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويل 18 سالا نوجوان علي شاھ جو لاش 9 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ھٿ اچي نه سگھيو آھي ، جڏهن ته ضلعي انتظاميا ٽنڊوالھيار پاران نوجوان جو لاش ھٿ ڪرڻ لاءِ پاڪستان نيوي سان تعلق رکندڙ ٽوٻن جي مدد سان نصير واھ ۾ لاش جي ڳولا پڻ ڪئي وئي آهي پر نوجوان جو لاش نصير واھ مان هٿ نه اچي سگهيو آهي، جنهن سبب ٻڏي ويل نوجوان جا وارث لاش هٿ نه اچڻ بعد مامري کي شڪي ظاهر ڪندي اهو چئي رهيا آهن ته اسانجو نوجوان نصير واھ جي پاڻي ۾ نه آهي. نوجوان علي شاھ جي گم ٿيڻ بابت ٽنڊوالهيار شهر ۾ مختلف ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوالهيار اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او چيو ته نوجوان جي وارثن جي چوڻ تي هن جي فون نمبر جي سي ڊي آر به ڪڍرائي آهي جنهن جي رپورٽ اڃان نه ملي آهي. هن چيو ته هاڻ اهو مامرو پوليس لا۽ تمام گهڻو اهم ٿي ويو آهي انشاء الله تمام جلد مامرو وائکو ٿي ويندو.