ڄامشورو ۾ پاور هائوس جي ملازمن پاران پنجين ڏينهن به هڙتال، ڌرڻو

0
335

ڄامشورو: ٿرمل پاور هائوس جينڪو ون جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پنجين ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پاور هائوس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.مظاهري ۾ اڳوڻو ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، پ پ اڳواڻ پير نديم شاھ جيلاني ۽ ڪيترائي سماجي اڳواڻ به يڪجهتي طور شامل ٿيا. مظاهرين چيو ته پاور هائوس جي ملازمن کي جبري طور برطرف ڪيو پيو وڃي، پاور هائوس کي خساري ۾ ڄاڻائي ملازمن کي سرپلس ڪيو ويو، جيڪو عمل برداشت نه ڪنداسين، جينڪو ون جي ملازمن کي حيسڪو ۾ سرپلس ڪري گريڊ ماري ننڍين پوسٽون تي رکيو پيو وڃي. ڊاڪٽر سڪندر شورو چيو ته وفاقي حڪومت هڪ سازش تحت ادارن کي خسارو ڄاڻائي وڪرو ڪري رهي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.