راڄوخاناڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون 9 ڪلينڪس سيل

0
261

راڄوخاناڻي: ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم راڄوخاناڻي، ٽنڊو غلام علي ۽ حاجي سانوڻ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي اسپتالن تي اوچتو ڇاپو هڻي 9 اسپتالون سيل ڪري ڇڏيون. ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪراچي جي ٽيم ڊاڪٽر اشفاق احمد شيخ ميڊيڪل ايڪسپرٽ جي سربراھي ۾ راڄوخاناڻي ۾ روپو ڪولھي، شعيب نظاماڻي، لطيف ٿيٻو ۽ بابو جون اسپتالون، حاجي سانوڻ ۾ اشوڪ ڪولھي، دانش، ٽنڊوغلام علي ۾ گلاب ڀيل، سوڍو ڀيل ۽ ڪرشن ڀيل جون اسپتالون سيل ڪيون آھن . اهڙي ريت راڄوخاناڻي ۾ 4 ، حاجي سانوڻ 2 ۽ ٽنڊوغلام علي ۾ 3 اسپتالون سيل ڪيون ويون .