جروار: فصل جي ڀيل تان وڏيري لٺيون هڻي ڳئون کي ماري ڇڏيو

0
256

جروار: جروار ويجهو ڳوٺ رسول بخش گبول ڀرسان بااثر ماڻھو جي فصل ۾ پورهيت غلام نبي گبول جي ڳئون جي وڃڻ تي وڏيري خادم ڪوري ٽن ڄڻن سان گڏ ڳئون کي لٺيون هڻي ماري ڇڏيو. پورهيت غلام نبي گبول جروار ٿاڻي تي بااثر وڏيري خادم ڪوري ۽ سلطان ڪوري سميت چئن ڄڻن مٿان اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي.پورهيت غلام نبي گبول ۽ٻن احتجاج ڪندي دانهيو ته وڏيري جي فصل ۾ اسان جي ڳئون ڪونه ويئي هئي ڳئون واٽر سان هئي پر وڏيري ۽ سندس هارين بنا جواز ڌڪ هڻي بي زبان جانور کي ماري ڇڏيو آھي. هن وڌيڪ چيو ته اسان غريب ڳئون جو کير وڪڻي گهر جو گذر سفر ڪندا هئاسين پر اها به ڳئون ظالمن ماري ڇڏي آھي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان انصاف جي اپيل ڪئي.