جيواڻي جي ويجهو سمنڊ مان پکڙيل نادر مڇي لکين روپين ۾ وڪرو

0
502

بلوچستان جي گوادر ضلعي جي تعلقي جيواڻي ويجهو سمنڊ مان ناياب مڇي ‘ساوا’ پکڙجي وئي. مقامي ماهيگيرن جي موجب اها مڇي هڪ ماھيگير پڪڙي آھي، جڏهن ته هڪ خريدار 7 لک 80 ھزار روپين ۾ مڇي خريد ڪئي. ھي مڇي مخصوص موسم دوران جيواني ۽ ڀرپاسي جي سامونڊي علائقن ۾ اچي ٿي جتي ھي نسل وڌائڻ لاءِ آنا ڏيندي آھي. علائقائي فشريز جي ذريعن موجب مڇي ڄار ۾ گهٽ ئي پڪڙي ويندي آهي ، ان جي تجارتي اهميت گهڻي آهي، مڇي جا جزا طاقت لاءِ ۽ آپريشن دوران اندروني سرجري لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. ان کان اڳ به گوادر ضلعي جي پاڻي ۾ مڇي پڪڙجي چڪي آهي ۽ بعد ۾ وڏي قيمتن تي وڪرو ڪئي وئي ، ڪجهه ايشيائي ۽ يورپي ملڪن ۾ هن مڇي جي طلب وڌيڪ آهي.