پنجاب حڪومت سنڌ سرڪار تي پاڻي چوري جو الزام ھڻي ڇڏيو

0
218

پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صوبائي حڪومت جي ملي ڀڳت سان سنڌ جا جاگيردار پاڻي چوري ڪن ٿا. خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پنجاب ۾ 8 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿيندو آهي جڏهن ته 39 سيڪڙو پاڻي سنڌ ۾ ضايع ٿيندو آهي. ٻئي طرف پنجاب جي آبپاشي جي وزير محسن لغاري پاڻي جي ماپ جي لاءِ غير جانبدار امپائر جي تقرري جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ پاڻي جي داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي پوائنٽن تي مانيٽرز مقرر ڪيا وڃن جن ۾ هڪ پنجاب ، هڪ سنڌ ۽ هڪ غير جانبدار نمائندو شامل ھجي.