ڪورونا پابندين کان بچڻ لاءِ ڀارتي جوڙي جي جهاز ۾ شادي جي خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي

0
420

انڊين سول ايوي ايشن اٿارٽي (آئي سي اي اي) ڪورونا پابندين کان بچڻ لاءِ ڀارتي جوڙي چارٽرڊ جهاز ۾ شادي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سول ايوي ايشن اختيارين انٽرنيٽ مشھور ٿيندڙ هندستاني جوڙي جي شادي جي ويڊيو تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته انڊيا جي رياست تامل ناڈو ۾ شادي هال بند ٿيڻ ۽ ٻين پابندين سبب جوڙي ڪجهه ڏينهن اڳ چارٽرڊ جهاز تي شادي ڪئي هئي ، شادي جا اڪثر مهمان ماسڪ بنا گھوٽ ۽ ڪنوار جي ڀرسان موجود هئا. ايئر لائن جي ترجمان چيو ته ايئر لائن ڪوڊ حفاظت جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي.