ايلون مسڪ کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جا بلاڪ بٽن پسند ناهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪمپني طرفان اهڙي فيچر ۾ تبديليون ڪيون پيون وڃن.في الحال اهڙن فيچرن کي مڪمل طور تي ختم نه پيو ڪيو وڃي پر پوءِ به فيچرن ۾ ڊرامائي تبديلي ڪئي پئي وڃي.هاڻي جڏهن ايڪس واهپيدار ڪنهن اڪائونٽ کي بلاڪ ڪندا آهن پر بعد ۾ انهن جي پوسٽن تي رپلاءِ ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي، پر واهپيدار کي اهي ميسج نظر نه ايندا آهن.ڪمپني طرفان هن فيچر کي تبديل ڪيو پيو وڃي، جنهن بعد بلاڪ ٿيندڙ ماڻهو به رپلائز ڏسي سگهندا.