گوگل طرفان اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ هڪ دلچسپ فيچر آڊيو ايموجي جي شڪل ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.اهو فيچر گوگل باءِ فون ايپ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ بيٽا ورجن ۾ دستياب آهي.عام واهپيدار اهڙي فيچر کي به جلد ئي استعمال ڪري سگهندا. ايموجيز ۾ تاڙي وڃائيندي، روئيندي ۽ چهري سميت ٻين ايموجيز کي آڊيو جي شڪل ۾ استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.جيڪڏهن اوهان به فيچر کي استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته فون باءِ گوگل ايپ جي بيٽا ورجن تي سائن اپ ڪري وٺو.فيچر کي استعمال ڪرڻ آسان آهي، بيٽا ٽيسٽر بڻجڻ لاءِ گوگل پلي اسٽور تي وڃي فون باءِ گوگل ايپ کي اپ ڊيٽ ڪيو.