سنڌ اسيمبلي: صحافين جي تحفظ بابت بل منظور

0
320

ڪراچي: صحافي خبر جا ذريعا ٻڌائڻ جا پابند نه هوندا، صحافين جِي پيشيوراڻين ذميوارين دوران رنڊڪون پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: سنڌ اسيمبلي صحافين جَي تحفظ بابت بل گڏيل راءِ سان منظور ڪري ورتو، سُڌ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه بل پيش ڪيو، بل تحت صحافين جَي تحفظ لاءِ ڪميشن قائم ڪيو ويندو، صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي سزا ڏني ويندي، صحافين تي حملن جَي ڪيسن جا فيصلا ترجيحي بنيادن تي ڪيا ويندا، خواجا اظهار جِي ترميم به منظور ڪئي وئي ته متاثر صحافي کي ضرورت پوڻ تي حڪومت مدد فراهم ڪندي.